هي اُهي ڏينھن هئا ...!
جڏهن ڳوٺ جون عورتون راڳيل ڀت تي
اڱارن سان ليڪا ڪڍي تاريخون ياد ڪنڍيون هيون
ڪچن گھرن جي ڇتن مان
آسمان جا تارا به ڏسي وٺبا هئا
هي اُهي ڏينھن هئا
جڏهن جنگ تلوار سان وڙهي ويندي هُئي
۽ ماڻھو جو قد گھوڙي جي ڊوڙ جيڏو هوندو هو
دلين جي پکيڙ ڌرتيءَ جيان زرخيز هوندي هُئي
هي اُهي ڏينھن هُئا
جڏهن تنھنجي جواني چولي جي ماپ مان
منھن ڪڍي ٻاهر نڪري آئي هُئي
۽ ڳوٺ جي ڇوڪرن لاءَ ڪنھن معجزي مثل هُئي
ٽاپون راند ۾ آئون هميشه توکان هارائي ويھندو هُئس
تنھنجا ڏنل ڇال مونکي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندا هئا
هي اُهي ڏينھن هئا
جڏهن وڏا مينهن پوندا هئا
ڀڄڻ ۽ سڪڻ ۾ به صبح ٿي ويندا هئا
کليل اڱڻن جيان عشق اوڙڪون ڪريو پيا وسندا هئا
دل جي داڻن مٿان جدائين جا جنڊ نه هلندا هُئا
اڄ اُهي ڏينھن آهن جو
آئون تنھنجي پير جي ورتل ماپ وارو
سڳو به ڪنھن کي ڏيکاري نٿو سگھان
اڄ اُهي ڏُينھن آهن جو
آئون سڄو ڏُڪارجي ويو آهيان
۽ تون مون مٿان وسڻ به نٿي اچين.!