هڪ طوائف جو لکيل خُدا ڏانھن خط ...!
توکي ڏيکارڻ ٿي چاهيان
منھنجا ڏينھن ۽ راتيون
مزدور جي پٺيءَ تي کنيل ڳرين ٻورين جھڙا آهن
آئون پنھنجي ٿڪاوٽ کي پاڻ مان ڇنڊي ناهيان سگھي
اڄ تنھنجي اڳيان آئون پنھنجو پسيل چولو
نپوڙي رکڻ ٿي چاهيان
جيڪو ڪڏهن سُڪو ئي ناهي
جسمن جي لتاڙ جواني کسي وٺندي آهي
توکان منھنجي پناھ جو پاند ڇو ڇڏائجي ويو آهي
منھنجي صورت ثواب جھڙي هوندي به
ڪيترن ئي گناهن ۾ غرق ٿي وئي آهي
ڪيترائي ڀيرا جاري تي رکيل
مُثلي مٿان نظر گھمائي نماز جي به نيعت ڪئي اٿم
پر پوڙهي طوائف جي ڀريل پئسن جي اوڳاڙي
مونکي روز اُگھاڙو ڪرائي ڇڏيندي آهي
مون پنھنجي هرک جھڙي جسم تي
ڪيترائي سلھه جا مريض سھڪندي سٺا آهن
آئون اٺئين پھر گڏي پاڻ کي ڌوئڻ کانپوءِ به
پاڪ ناهيان ٿي سگھندي
ڀڙوت جي پئسن مان ورتل شراب جي بوتل
مونکي پاڻ وٽ هٿيڪو ڪندي آهي
سگريٽ منھنجن اوجاڳن کي ساڙيندا رهن ٿا
منھنجي پيٽ ۾ الائي ته ڪنھن جو ٻار
ساھ کڻڻ لڳو آهي
مختلف مردن جي گڏيل محنت مان
هن ٻار جي شڪل الائي ته ڪنھن تي وئي هوندي
آئون تنھنجي خلق ۾ ڪيڏي نه خوار ٿي چُڪي آهيان
هاڻ ته پوڙهي طوائف جا
عيوظي وارا پئسه به لھي چُڪا آهن
جيڪا هاڻ مون مان مور کان به وڌيڪ ڪمائي رهي آهي
منھنجي زندگيءَ جا اهي سمورا ڏينھن
ڇا تو پاڻ پنھنجن ئي هٿن سان لکيا آهن
مون تنھنجي ٻاجھه مان اڄ به آسرو ناهي لاٿو
آئون پنھنجي زندگيءَ جا ڏينھن
نئين سر لکرائڻ ٿي چاهيان
آئون طوائف ٿي ڪوٺي تي هڪ رات به رهڻ نٿي چاهيان
آئون پنھنجو هي لکيل خط
دُعا جي لفافي ۾ وجھي
ستين آسمان ڏانھن اُماڻي رھي آهيان
اُميد ته هن طوائف کي لکيل خط جو جواب ضرور ملندو...!؟