اعتبار جو آسمان
هوءَ رات جو گھر کان ٻاهر
چنڊ ڏسڻ به ناهي نڪرندي
ھُن جو هاڻ ماڻھو ته ڇا پر
خُدا تان به اعتماد کڄي چُڪو آ
هوءَ سرنھن جي گُلن جھڙي گھاٽي ڇوڪري
اڄ واعدن جي واپار ۾
وڏو نقصان ڪري ويٺي آ
پيار جي پينگ تي لڏڻ جو تجربو
کيس تڏھن ٿيو
جڏهن روح جا رسا
وجود جي وڻ مان ٽُٽي پٽ تي ڪري پيا ھئا
ھوءَ اڄ به پنھنجو
پٽ تي ڪري پيل پھريون پيار
ڳولھا جي ڳنڍ ۾ ٻڌيو کڻيو وتي
ماڻھو جو قد
مفاد جي پوريل مُٺ جيترو آخر ڇو ٿيندو آ...!؟
ڇا جسم جي لتاڙ جو پھريون نالو ئي پيار آھي...!؟
جي ايئن آھي ته پوءِ
زهر مان ڀريل ڍُڪ جو ٻيو نالو
عورت ئي ٿي سگھي ٿو
ڪائنات جو سڀ کان وڏو نقصان ته
عورت جو مري وڃڻ ئي آھي
۽ اڄ کانپوءِ آئون تولاءِ مري وئي آھيان.