وطن جنھن کي پنھنجون اکيون هونديون آهن ...
هوءَ پنھنجي مڙس جي لاش تي به رُني ڪونَ هُئي
ڳوڙھا سندس اکين جي
پاندن تائين پُھچي واپس وري ويا هُئا
هنن جي جنگ وطن جي ورهاست جيڏي آهي
وطن جنھن کي پنھنجون اکيون هونديون آهن
وطن جنھن کي پنھنجا وڻ هوندا آهن
وطن جنھن کي پکين جھڙا پر ٿيندا آهن
وطن جيڪو گھوڙي جي گرفت جھڙو هوندو آهي
جنھن جي لغام تي لُڏي
سرحدن جيڏو ساھ کڻي سگھبو آهي
هوءَ پنھنجي مڙس کان به وڌيڪ
پنھنجن ارادن ۾ مضبوط آهي
هُن نٿي چاهيو ته آئون وطن جيڏي وڏي جنگ
مڙس جي مارجي وڃڻ کانپوءِ وڃائي ويھان
هُن نٿي چاهيو ته سندس مڙس جي زرھ کي زنگ کائي ڇڏي
۽ تلوار جي تکي ڌار جو به ڪو ڌڪ خالي وڃي
هن نٿي چاهيو ته ڪو ڪمان جو ڪڇيل تير
نشاني کان اڳ پٽ تي ڪري پئي
هُن پنھنجي اڪيلائين کي به
مڙس جي کليل اکين جيان کولي رکيو آهي
سندس هر رات کي تارن جھڙيون اکيون آهن
جيڪي ڏينھن جو به ٻرڻ ٿيون چاهن
هوءَ جنگ جي ميدان ۾
پنھنجي معصوم پُٽ کي پُٺن تي ٻڌي
وطن ورائڻ جي لاءِ لاشن مٿان لنگھيندي رهي ٿي
هلايل مڙس جي تلوار جھڙا تجلا
۽ گھوڙي جي سُنبن مان اُڏامندڙ ڌوڙ کي
هوءَ تاريخ جو سڀ کان وڏو طوفان بڻائڻ ٿي چاهي
هوءَ باغين جي اکين جا سمورا خواب چُمي
اڄ کلڻ ٿي چاهي
۽ شھيدن جي قبرن مٿان
هڪ وطن جي فتح جيڏو تاج رکڻ ٿي چاهي.