آئون تو ۾ هڪ رات رهڻ جھڙو به ناهيان رهيو..!
منھنجي پھرين پناھ گاھ آهي
آئون پاڻ مان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ
تو ۾ لڪي به ناهيان سگھندو
آئون توکان وڃائجي
پاڻ ۾ ئي اڪيلو رهجي ويو آهيان
تو منھنجي وڃائجي وڃڻ تي
ڪڏھن به عشق جيڏو اشتھار ناهي ڇپرايو
مون فلڪيات جي ماهرن کان پُڇاءِ ڪئي آهي
ته هيل آئون خساري مان ٻاهر نڪرڻ جھڙو ناهيان
منھنجي غير ازدواجي زندگيءَ ۾
تنھنجي هجڻ جا ڪٿ به نشان نٿا ملن
آئون پاڻ ان ڳالھه تي پريشان آهيان
ته هي دؤر جيڪو ماڻھن جي هٿ وس آ
ماڻھو جن پنھنجا الڳ خدا به ٺاهي ڇڏيا آهن
۽ آئون جيڪو توکي پنھنجو به ناهيان بڻائي سگھيو
مون روح جي رليءَ تي
ڪيتريون ئي راتيون روئندي گذاريون آهن
آئون جيڪو تو ۾
سوڙهو ٿي سُمھڻ جيتري به جاءِ ناهيان ٺاهي سگھيو
منھنجا ڏينھن گھر جي ٽٽل آرسيءَ جھڙا ٿي پيا آهن
جنھن ۾ خود کي به ثابت نٿو ڏسي سگھجي
آئون پنھنجي اُداس ڏينھن جا چھرا
توکي ڏيکارڻ جھڙو ناهيان رهيو
آئون هاڻ جيڪو تو ۾
هڪ رات رهڻ جھڙو به ناهيان رهيو..!