غيرت جو گيت
مونکي گيت لکڻ ناهي ايندو
آئون جيڪو فطرت جو شاعر آھيان
منھنجي شاعري جا موضوع
چنڊ, سمنڊ, تارا, آسمان, گل ۽ محبوب جا چپ آھن
غيرت جو موضوع
منھنجي شاعري جي معيار تي پورو نٿو لھي
آئون آسمان جي بادلن تي بيھڻ جھڙيون تشبيھون
ڏيئڻ ۾ وڏي مھارت رکندو آھيان
منھنجي شاعري پاڻي تي ته هلي سگھي ٿي
پر رت جي ديارھ تي ھلڻ جو هُنر ناهي سکي سگھي
محبوب جي موضوع تي آئون
ڪيترا ئي ڪتاب لکي وٺندو آھيان
سندس اکين کي نظمن جي ڊگھين سٽن جو ساھ ڏئي
لفظن جي لشڪرن سان
تعريف جا تاج به پارائي وٺندو آھيان
پر الائي ڇو غيرت جي ڳالھه تي
مونکان منھنجي شاعري
گوڏن ۾ منھن هڻي ڪنڌ لڪائي ويھي رهندي آهي
ڪيترائي ڀيرا آئون پنھنجي شاعري کي
غيرت جا گيت لکرائڻ جي لاءِ
شھيدن جي قبرن تي به وٺي ويو آھيان
پر سندس سمجھه جو سج
اُوڀر کان اُڀرڻ جي ڳالھه ئي نٿو ڪري
جيڪڏھن حقيقتن جي حڪيمن وٽ ڪو
ان مرض جو علاج آھي ته
ضرور مونسان رُجوع ڪن
ته جيئن
آئون پنھنجي شاعريءَ کي ڪا غيرت جي غوري
گھوٽي ڏئي سگھان
۽ اُن جا موضوع ۽ مزاج به تبديل ڪري سگھان
آئون نٿو چاهيان ته
منھنجي شاعري مونسان ئي گڏ مري وڃي
آئون پنھنجي شاعري جي زندگي بچائڻ لاءِ فڪرمند آھيان
آئون چاهيان ٿو ته منھنجي شاعري
تاريخ جي تکي تلوار مٿان پيرين اُگھاڙي هلي سگھي
سندس هر گھاءُ مان غيرت جو رت ٽمندي نظر اچي
منھنجي آخري خواهش اها ئي آھي ته
منھنجي شاعري مان
ڪنھن به سسئي جو سڏ
پُڇاءَ جو پنھون ماڻڻ کا اڳ نه مري
ڪا به ماءُ رڙين جو رڻ جھاڳي
ڳوڙھن جي ڳوٺ ۾ دفن نه ٿي سگھي
ڪا به رات زندگي جي چنڊ جي اکين تي ٻڌل
ڪاري پٽيءَ جھڙي نه لڳي
آئون پنھنجي شاعري جا مزاج
غيرت جي گيتن سان بدلائڻ ٿو چاهيان
ته جيئن منھنجي شاعري جا پير
آسمان جي بجاءِ ڌرتيءَ تي ئي هجن.