شھر جيڪو پنھنجو پاڻ ۾ ئي مري ويو آهي ..!
آئون پنھنجو پاڻ وٽ اچي بيھي رهيو آهيان
شھر جيڪو مُردن مان ڀريو پيو آهي
لاشن جي ڳڻپ مونکي ٿڪائي وڌو آ
ماڻھو جيڪي پنھنجو پاڻ ۾ ئي
مئا ۽ پوريا پيا آهن
پيرن سان هلڻ ۽ اکين سان ڏسڻ
ماڻھو جي زندھ هُئڻ لاءِ ڪافي ناهي
دڪانن جي درن جيان
دلين تائين بند ٿي وڃڻ
موت جي پھرين نشاني آهي
اهڙا آثار مونکي
شھر جي ماڻھن جي اکين ۾ اڪثر نظر آيا آهن
شھر جيڪو ماڻھن جو اجتمائي قبرستان ٿي ويو آهي
ڪفن جي ڪنڊن کان به ٻاهر نڪري آيل ماڻھو
شڪل ۾ ھوبھو مون جھڙو ئي آهي
ماڻھو پنھنجن ئي ڪلھن تي پنھنجو لاش
آخر ڪيئن ٿا کڻي هلن...!؟
آئون لاشن جي ڳڻپ جا انگ اکر گڏ ڪندي
پنھنجو پاڻ وٽ اچي بيھي رهيو آهيان
آئون پنھنجي ڳڻپ ڪري
هڪ وڌيڪ لاش هُئڻ جي نشاندهي ڪرڻ ٿو چاهيان
منھنجون اکيون به
شھر جي مئل ماڻھن جيان کليل آهن
شھر جيڪو مون جيان ئي پنھنجو پاڻ ۾ مري ويو آهي.