شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

مونکي هڪ تصوير کپي ٿي ...!

مونکي تنھنجي ھڪ تصوير کپي ٿي
گھر جي خالي ديوار تي لڳائڻ جي لاءِ
ديوار جيڪا ڪيڏي نه خالي لڳي رهي آهي
ها بلڪل ايئن خالي
جيئن آئون پاڻ سڄو خالي ٿي ويو آهيان
مونکي تصويرون ان ڪري سٺيون لڳنديون آهن
جو انھن کي
جتي به بيھاربو آهي اُتي ئي بيھي وينديون آهن
تصويرون جن کي صرف
ڪمري جيڏي جاءِ ئي کپندي آهي
مونا ليزا جي تصوير ڪڍي
مون تنھنجي تصوير جي جاءِ کان هيٺ ھڻي ڇڏي آهي
ڪمري ۾ لڳل سڀئي تصويرون
خالي پيل جاءِ کي
ايئن غور سان ڏسي رهيون آهن
جيئن تون ۽ آئون
اوچتو ملڻ کانپوءِ
هڪ ٻي کي غور سان ڏسندا آهيون.