ڌرتي کي ڏنل رت ھاڻي آخري چُمي ...!
گوليءَ جو گھاءُ تنھنجي معيار کي ماري ناھي سگھيو
تنھنجي ھڪ ماءُ
تنھنجي صدمي ۾ مري وئي آھي
ته تنھنجي ٻي ماءُ
ڌرتي تنھنجي لاءِ جاڳي پئي آھي
تنھنجي رت جي گُرڙي
غيرت کي جاڳائڻ جي لاءِ ڪافي آھي
سنڌ اڄ تومان ئي ساھ کڻي سڌي ٿي بيٺي آھي
باھ تي ھلڻ جو فن ھاڻ قوم کي به سکي وٺڻ کپي
ڌرتي جيڏي جنگ
ھنر کانسواءِ ناھي وڙھي سگھبي
گروڙي تنھنجي پيشنگوئي جو پنڌ
اسان تائين پُڄي چڪو آھي
قنڌار جي ڪھاڙي
اسانجي وجود جي وڻ کي وڍڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي
ھڻ ڀالا وڙھ ڀاڪرين جي ڳالھه
ڀٽائي ڪيڏي نه اڳ ڪري ڇڏي ھئي
سمنڊ ۾ اُٿل جو آثار ته
ڪڏھون ڪو چاڙھ چڙھيو بيٺو آ
سُکاڻا م سمھو جي ڳالھه کي سمجھڻ جي ضرورت آھي
غلامي جو پھريون گھر
ذھن جي زمين تي خوف جي ھٿن سان اڏيل ھوندو آھي
جنھن کي صرف
ھمٿن جا ھٿوڙا ئي ڊاھي ٿا سگھن
دلالي جي پئسن مان ڪڃري جو ڪوٺو ت ٺاھي ٿو سگھجي
پر وطن جي ويڙھ جو سپاھي نٿو ٿي سگھجي
تنھنجي عمر جي اک
عرغونن جي ننڊ ۾ خلل وجھي ڇڏيو آ
تنھنجو رت ھن صديءَ جو سڀ کان وڏو صدمون آ
تون اھو ڳاڙھي رت جو ڪُٺل قلندر آھين
جنھن مٿان ڌرتي جي ڌمال لڳڻي آ
تنھنجي رت ھاڻي آخري چُمي کي
اڄ ڌرتي پنھنجي سيني تي سجائي ڇڏيو آ.
نوٽ: ارشاد رانجھاڻي جي قتل تي لکيل