شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

آئون تو مان نڪري ٻاهر هليو ويو آهيان

مون پاڻ کي ساڙڻ جو سامان
قرب جون ڪاٺيون گڏ ڪندي هٿ ڪري ورتو آهي
واپار جي ڏينھن ۾
پنھنجو هڪ ٻي کي خريد ڪرڻ
وقت جي بازار َ لاءِ هڪ وڏي يادگيري آهي
رستن تي هلندي به
پنھنجو هڪ ٻي کان وڃائجي وڃڻ
خيالن ۾ خنجر ٻوڙڻ جي لاءِ ڪافي آ
دلين کي ڏڍ ڏئي جيئڻ جو طريقو
مون توکان ئي سکيو هو
جيڪو هاڻ منھنجي لاء ڪارگر ناهي رهيو
آئون ڏڍ ڏئي پاڻ کي ويتر ڏکائڻ نٿو چاهيان
مون تنھنجي اکين ۾ ڪنھن ٻيئي کي ڏسي ورتو آ
ان ڪري آئون تو مان نڪري ٻاهر هليو ويو آهيان
هاڻ آئون تنھنجن ڪچن خوابن جھڙو به ناهيان رهيو
قُرب جو ڪھاڙو
جيڪو ڪنھن به وقت ڪنھن کي به وڍي ٿو سگھي
اهو الميو مونکي توکان ئي حاصل ٿيو آهي
آئون پنھنجي دل جا ڌڪ توکي ڏيکاري به نٿو سگھان
منھنجا سمورا ڏينھن ٽارن کان ٽُٽي پٽ تي ڪري پيا آهن
آئون تنھنجي قرب جي ڪُھاڙي تان
پنھنجي وهيل رت جا داغ ڌوئي رهيو آهيان
آئون جيڪو هاڻ تو مان نڪري ٻاهر هليو ويو آهيان.