شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

پاڻ کي مضبوط ٿيڻو آهي...!

پاڻ کي مضبوط ٿيڻو آهي
اُن جبل جيان
جيڪو پاڻ مٿان گرميون ۽ سرديون
راتيون ۽ ڏينھن طوفان ۽ مينھن وسائڻ کانپوءِ به
هڪ ئي جاءِ تي بيٺو رهي ٿو
سندس رنگ ۽ روپ ۾ ڪو به فرق نٿو اچي
سندس ويڪر ۽ اوچائي کي ڏسڻ جي لاءِ
ماڻھوءَ کي خود پنھنجو ڪنڌ مٿي کڻڻو ٿو پوي

پاڻ کي مضبوط ٿيڻو آهي
ان پُل جيان
جيڪا ٻن ڪنارن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي
وقت جي وڏي انتظار کي سوڙهو ڪري
ملڻ جي منزلن کي ويجھو ڪري ٿي
هڪ ڪناري کان ٻي ڪناري تائين نظر رکي ٿي

پاڻ کي مضبوط ٿيڻو آهي
اُنھن پکين جيان
جيڪي سياري ۾ گرم ڪپڙا ناهن پائيندا
۽ گرمين ۾ گنجا ناهن ٿيندا
جن کي وڻن جيڏو وڏو وطن مليل آهي
جن کي ننڊ ڪرڻ لاءِ ڪو به گھر ناهي ٺاهڻو پوندو
جن کي اُڏامڻ جي لاءِ
ڪا به تياري ناهي ڪرڻي پوندي

پاڻ کي مضبوط ٿيڻو آهي
اُن هوا جيان
جيڪا سمنڊ مٿان بي خوف ٿي هلي ٿي
جيڪا وڻن کي به لوڏيو وجھي ٿي
جنھن کي سج جي تپش جي پرواھ ناهي ٿيندي
جيڪا زمين جي مٽي
آسمان جي اکين ۾ وجھڻ جي سگھه رکي ٿي
جيڪا جيل جي سلاخن ۾ به ساھ کڻي سگھي ٿي
جنھن جا طوفان به هڪ نئين تاريخ لکي وٺندا آهن

پاڻ کي مضبوط ٿيڻو آهي
اُنھن مائرن جيان
جيڪي پنھنجا پُٽ جنگ جي ميدان کي
جھوليون ڀري ڏئي ڇڏينديون آهن
جيڪي هڪ پُٽ جي مارجي وڃڻ کانپوءِ
ٻي پُٽ جي هٿ ۾ تلوار ڏيندي فخر محسوس ڪنديون آهن
جن پنھنجي اکين جا ڳوڙها
ديس جي ڦڙڪندڙ جھنڊي سان اُگھي ڇڏيا آهن
جن وٽ مرڻ کان وڌيڪ
جيئڻ جھڙي جنگ جيڏي اهميت حاصل آهي
جن جي ارادن جي اڳيان
آسمان به اکيون جھڪائي ٿو ڇڏي
جن وٽ پاڻ پنھنجي تقدير لکڻ جي سگھه هوندي آهي
سي ئي پنھنجا سج ۽ چنڊ
پنھنجي ئي ڌرتيءَ تي بيھي بچائي ٿا سگھن

پاڻ کي مضبوط ٿيڻو آهي
اُن درياھ جيان
جنھن جو ڪو به دنگ ناهي هوندو
جنھن جو وهڪرو سمنڊ کي ڌڪيندو ئي رهي ٿو
هر روز اڳتي وڌڻ جي لاءِ.
