شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

آئون جيڪو منھن تي هٿ رکي ڇڏيندو آهيان ...!

ڪيترائي حادثا مونکي مون منجھان ئي مليا آهن
درياھ جي ابتي وهڻ تي
وات ۾ آڱر وجھي سوچي ئي سگھجي ٿو
اڪثر مڙدن جا قد ماپيندي
مونکي عورتن جا اڳٺ ياد اچي ويندا آهن
پاڻ ۾ ڪري پيل ماڻھو
معاشري ۾ مُڇون وٽي هلڻ جيڏو ٿي ويو آهي
آئون جيڪو پنھنجي حوس کي
پنھنجي زندگيءَ جي کيسي مان ڪڍي
اڇلائي به ناهيان سگھيو
آئون پنھنجي رهجي ويل سوالن جا سڌا جواب
آخر ڪنھن کان پُڇان
ماڻھوءَ جيڪو خود موت جو ملائڪ ٿيو ويٺو آهي
زنا جي زبان سان زوري چکڻ جو ذائقو
مون اجتماعي لڄا لُٽ جي وات تي هٿ ڏئي سکيو آهي
انسان هڪ جانور آهي
اهو فلسفو مونکي اڄ سمجھه ۾ آيو آهي
ته ماڻھو ۽ ڪتو ٻئي هڪ جانور آهن
بُک ۾ ڀونڪڻ ۽ کائڻ جانور جي نشاني آهي
آئون پنھنجي زندگي جا ڪيترائي حادثا
پنھنجن ئي هٿن سان پوري
پاڻ کي آجو ڪري وٺندو آهيان
آئون جيڪو ٻين جي منھن ۾ ٿُڪون هڻڻ وقت
پنھنجي منھن تي هٿ رکي ڇڏيندو آهيان.
