آئون ۽ وقت جو کريل گھڙيال ..!
منھنجون ۽ وقت جون
بي ترتيبيون به هڪ جھڙيون ئي آهن
کريل گھڙيال جيان هوندي به
مون پنھنجو پاڻ کي ڪڏهن به پٽ تي ناهي اڇلايو
اڇلائجي وڃڻ کانپوءِ شئين جي اھميت ناهي رهندي
اڇلائجي وڃڻ کانپوءِ
ٻيھر پنھنجو پاڻ کي واپس کڻڻ به مُشڪل ٿي پوندو آهي
ان احساس مونکي پاڻ ۾ هڪ ئي جاءِ تي بيھاري ڇڏيو آهي
وقت منھنجي پويان
يا آئون وقت جي پويان هلي رهيو آهيان
اهو اندازو آئون اڃان تائين ناهيان لڳائي سگھيو
اسان ٻنھي جي ڳولھا هڪ جھڙي ئي آهي
اسان جون شڪلون الڳ هوندي به
اسانجون عادتون هڪ جھڙيون ئي آهن
وقت جيڪو گھنٽا گھر جي ٽاور ۾ ٽنگيو ئي بيٺو آهي
جنھن اندر ڪيترن ئي پکين آکيرا ٺاهي
پنھنجا نسل وڌايا آهن
پر سندس حالت اها ئي ساڳي هلڻ جھڙي به ناهي
وقت جيڪو بيھي رهڻ کانپوءِ
مونکي مون جھڙو ئي لڳي رهيو آهي
آئون جيڪو هاڻ
تلڪ چاڙهيءَ جون چاڙيون به چڙهي نٿو سگھان
اسان ٻنھي جو هڪ ٻي کان وڃائجي وڃڻ
يا هڪ ٻي سان گڏجڻ
ڪنھن به ماڻھوءَ لاءِ ڪو به نقصان ڪار ناهي
ماڻھو جيڪي گاڏين جي رفتار جيان هلي رهيا آهن
ماڻھو جيڪي اڀرندڙ سج سان گڏ اڀري رهيا آهن
۽ لھندڙ سج کي سامھون ڏسي واپس وري رهيا آهن
ماڻھو جيڪي وقت جي کريل گھڙيال کان
۽ مونکان ڪافي مختلف آهن
ماڻھو جيڪي ساھ کڻڻ وقت به جيئرا لڳن ٿا
ماڻھو جيڪي هڪ ئي جاءِ تي ڪڏهن به نٿا بيھن
مون ۽ وقت جي کريل گھڙيال جيان...