ڀاڳ جي وڃائجي ويل سوني نٿ ...!
پاڻ خود ئي اوڻٽيھين جي رات ٿي ويندي آهي
هوءَ جڏهن ڄائي هئي ته سندس نالو
سندس ناني ڀاڳ ڀري رکيو هو
پر ڀاڳ سندس زندگيءَ ۾
ڪڏهن به ڀرين جيان ڀرجي نه آيو هو
سندس حق مُھر ۾ آڇيل سوني نٿ به
کيس نئين وٺي ڏيڻ جي دلاسن سان گڏ گُم ٿيل آهي
هوءَ ڀروسن جي ٿيل اهڙي ته ڀيل آهي
جنھن جا سلا به هاڻ سُڪڻ لڳا آهن
هُن مٿان واعدن جي اهڙي ته وڄ ڪريل آهي
جنھن ۾ مرڻ کانسواءِ بچي ئي نٿو سگھجي
هوءَ ٻنين جا ٻارا ٺاهي وقت کي وندرائيندي آهي
هُن پنھنجي سڄي جواني ولون ڍوئيندي وڃائي آهي
هن جو مڙس پنجن ڀينرن جو ھڪ ئي ڀاءُ آهي
ڀاڳ ڀري سندس حوس جو ڪيل
ٽيون ۽ قانوني حملو آهي
جنھن کي هُن حق شرع سمجھي حاصل ڪيو آهي
ڀاڳ ڀري جيڪا هر چنڊ جي اوڻٽيھين تاريخ
انتظار کي آڱرين سان ڳڻيندي اُداس ٿي ويندي آهي
مڙد جيڪو عورت لاءِ ٻيو مجازي خدا هوندو آهي
هن جو مڙس کيتيءَ جي ڪُل ڪمائي کڻي
عياشيءَ جي اک کي گرم ڪندو آ
ڳوٺ جي هر سامائجندڙ ڇوڪريءَ تي
سندس اک نٿ جو نياپو کڻي اچي پُڄندي آهي
هو چوٿون ڀيرو ڳوٺ جي ساماڻيل چاندنيءَ مان
پنھنجي روح جي رات کي روشن ڪرڻ ٿو چاهي
هو جيڪو ڀاڳ ڀريءَ جيان
پاڻ خود ئي رات جھڙو ٿي ويو آهي
هو چاهي ٿو ته پھرين ٻن مري ويل مائين جيان
هن ڀاڳ ڀريءَ کان به ڪنڌ هيٺ ڪرائي اجازت وٺان
۽ کيس هڪ ڊگھي اوڻٽيھين جھڙي اونداهي ۾ اڇلائي
پاڻ کي ٻيھر چنڊ ڪري اُڀاريان چاندنيءَ جي روشنيءَ مان
هو جيڪو هاڻ اُجھامڻ کانپوءِ ٻرڻ جھڙو ئي ناهي رهيو.