ھمبستري
جڏھن کان هُن جي شادي ٿي وئي هُئي
گھوٽ گھوڙي جي سواري کانپوءِ سيج تي ئي سھندو آھي
حق شرع جا پئسه
ڪنوار جي پھرين رات جي پگھر جو اُجورو هوندا آهن
مونسان ڪيل تنھنجا سمورا واعدا
آئون ڪيئن اڪيلا ڇڏي ڏيان
آئون اهو هرگز ئي نٿو چاهيان ته پيار جا پراڻا پل
واندڪائي جي وندر کان کسي
خود کي خالي ڪري ڇڏيان
تنھنجي آڱر جي ماپ واري مون وٽ رکيل منڊي به
هاڻ سوڙھي ٿيندي پئي وڃي
توسان گڏ پرڻيل عورتون
پنھنجن مردن مان مائرون ٿي ويون آھن
۽ تون اڃان تائين
اُداسيءَ جي اک مان ڳڙيل ڳالھه جھڙي ٿيندي پئي وڃين
پنھنجي چھري تي روئڻ جھڙي رات هاري
چوڻ لڳي ته
خالي بستر تي سُمھڻ سان
حاملا ٿي وڃڻ کي معجزو ئي چئي سگھجي ٿو
پُٽ مڙدن جي ميراث ھوندا آھن
۽ عورت هڪ اهڙو بوجھه
جنھن کي جيترو جلدي لاهي سگھجي اوترو ئي سُٺو
تنھن ڪري خيالي همبستري جي کدڙائپ مان
پُٽ ناهن ڄمي سگھندا
هو مونکي لفظي طور اٺون ڀيرو طلاق ڏئي چڪو آھي
پر آئو اڃان به هن جي نڪاح پڙھايل زال ليکي وڃان ٿي
هاڻ آئون به ڪجھه سالن کان وٺي
رسمن جي رب کي ناراض نه ڪندي
ماٺ جي قبر جو قصو ٿي وئي آھيان
اڪيلي سر اکين مان لڙڪن جي درد جا ڌاڳا
پاڻھي ئي ڳڙي پوندا آھن
سمنڊ منھنجي اڪيلائي جو آخري گواھ آھي
گھر جون ديوارون مونکي درد جي ماءُ چونديون آھن
آئون پنھنجي ڄم جي تاريخ جو وڃائجي ويل ورق آھيان
منھنجي ٻاروتڻ جا ڏينھن
حيض جي پھرين رات ئي مري چُڪا هئا
آئون هاڻ مردن جي اکين جو جلد مشاهدو ڪري وٺندي آھيان
وفا جي دڪان جو پھريون واپار دوکو ئي آھي
آئون تنھنجي خوابن ۾ اچڻ جھڙي ناهيان رهي
ھا باقي هاڻ مون به تو جھڙا نظم لکڻ شروع ڪيا آھن
جن سان روز رات جو گڏجي سُمھندي آھيان
۽ صبح تائين
ڪيترائي نظمن جا ناجائز ٻار ڄڻي وٺندي آھيان.