ڌرتي ۽ آسمان جي گواھي...!
يا خُدا منھنجي سڃاڻپ آهي...!؟
ان ڳالھه جي تھه تائين پھچڻ جي لاءِ
ڌرتي ۽ آسمان جي گواھي جو هجڻ لازم آهي
سج چنڊ ۽ تارن تائين پُڄندي
مونکي اڃان به ڪيترائي جنم گُھرجن
مذهبن جي روايتي رڻ ۾ ڀٽڪندڙ ماڻھو
منھنجي پُڇاءِ جا پھريان قاتل آهن
آئون پنھنجي زندھ هجڻ جون نشانيون
قبلِ مسيح جي دؤر کان وٺي ڳولھيندو رهيو آهيان
ھڏن جون هڙون
۽ آدم جي اک مان ڪريل ڳوڙهن کانسواءِ
مونکي ٻيو ڪجهه به ناهي ملي سگھيو
افراتفريءِ جي اونداهي رات ۾
ماڻھوءَ جو ماڻھو کان وڃائجي وڃڻ
ڇا ڪائنات جي مري وڃڻ جو مرثيو ناهي...!؟
منھنجي پھرين رڙ
دنيا جي وڍيل دُن کان به وڏي آهي
آئون خُدا جي تاريخ جا پنا پڙهي اڪيلو ٿي ويو آهيان
ڌرتي ۽ آسمان جي گواھي
الائي ته ڪھڙي گمان ۾ ٻُڏل آهي
آئون پنھنجي وجود جي مٽيءَ کي
مذهبن جي وراثت کان واپس وٺي
ماڻھن ۾ تقسيم ڪرڻ ٿو چاهيان
وڻ نديون ۽ پکين جون اکيون
منھنجي واڌاري جا پھريان وارث آهن
آئون پنھنجي هجڻ جا آثار
خلق جي کوٽائي مان ئي ظاهر ڪري ٿو سگھان
مون پنھنجي تاريخ جا ڪتاب
سمنڊ کي پڙهڻ لاءِ ڏئي ڇڏيا آهن
۽ هاڻ آئون به سج جي سامھون بيھي
خدا کان اڳ جي لکيل تاريخ جا پنا پڙهڻ ٿو چاهيان
۽ پنھنجي هُجڻ جا وڌيڪ آثار ڳولھڻ ٿو چاهيان.