تنھنجي وڃڻ کانپوءِ...!
منھنجي اکين مان درياھ اُٿلي پيو آهي
جيڪو مسلسل وهندو ئي رهي ٿو
جيڪو هاڻ ڏُک جي
ڪيڏي به وڏي صحرا کي سيراب ڪري سگھي ٿو
تنھنجي وڃڻ کانپوءِ
آئون انڌن جي دنيا ۾ گذارڻ لڳو آهيان
منھنجا سمورا خواب اکين ۾ هوندي به
ڌُنڌلا ٿي ويا آهن
ڌُنڌ جيڪا مونکي گھيري وئي آهي
مونکي اها پڪ ٿي وئي آهي ته
تو ساڻ ئي گڏجي دنيا کي ڏسي ٿو سگھجي
تنھنجي وڃڻ کانپوءِ
مونکان رستا وڃائجي ويا آهن
زندگي پنھنجن ئي ڪلھن تي کنيل
ڪو ڳرو بار لڳي رهي آهي
اڄ درد جي دونھن ۾
گُھٽجي مرڻ جھڙا ڏينھن مون مٿان لٿل آهن
آئون پنھنجو ساھ
پاڻ ۾ بچائي رکڻ جھڙو ئي ناهيان رهيو
آئون جيڪو هاڻ صرف توکانپوءِ تنھنجون ڳالھيون
پنھنجو پاڻ ۾ ئي ڳنڍيون ڏيو سنڀاليو ويٺو آهيان
تنھنجي وڃڻ کانپوءِ
ماڻھن مونکي سُڃاڻڻ ڇڏي ڏنون آهي
تون مونکان منھنجي کسجي ويل اُها سُڃاڻپ آهين
جنھن جو احساس مونکي اڄ ٿيو آهي ت
ماڻھوءَ جي سڃاڻپ کانسواءِ ڪا به حيثيت ناهي هوندي
سڃاڻپ کانسواءِ زندگي گذارڻ
ايئن آهي
جيئن اڄ آئون توکانسواءِ پنھنجو سڀ ڪجھه وڃائي ويٺو آهيان
تنھنجي وڃڻ کانپوءِ
سج مون مٿان اُڀرڻ ڇڏي ڏنون آهي
آئون اولھه ۽ اوڀر جي طرفن کان پري ٿي ويو آهيان
چنڊ ۽ تارن کان خالي ٿي ويل رات مونکي
پاڻ ۾ پناھ ڏئي ڇڏي آهي
سچ پڇين ته
هاڻ منھنجي شاعريءَ کان موضوع ئي کسجي ويا آهن
آئون جيڪو توکانپوءِ سڄو خالي ٿي ويو آهيان
تنھنجي وڃڻ کانپوءِ
آئون آسمان تان اچي پٽ تي ڪري پيو آهيان
مونکي ڪو به سھارو ڏئي اُٿارڻ وارو ئي ناهي رهيو
تنھنجي وڃڻ کانپوءِ
مون پنھنجو پاڻ کي ڳولھڻ ڇڏي ڏنون آهي
تنھنجي وڃڻ کانپوءِ
آئون ڪيڏو نه پيار جي غُربت ۾ اچي
غريب ٿي ويو آهيان.