شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

هُن جا ڪافر سوال ...!

ڇا خُدا ڪائنات کان به عمر ۾ وڏو آهي..! ؟
هُن جا دهرين جھڙا سوال
مونکان هاڻ سنڀاليا نٿا ٿين
آئون جيڪو پنھنجي ڄم جي تاريخ جو پنون به
پاڻ کان وڃايو ويٺو آهيان
هوءَ جيڪا آدم جو اولاد سڏرائڻ کان پھرين
حوا جي ڌيءَ هجڻ جا دليل پڇڻ لڳندي آهي
آئون هن جي ڪافر سوالن کي آخر ڪٿي لڪايان
هوءَ جيڪا مذهبن جي روايتي رب کي
مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي
سندس سوال صليبن تي چاڙهي ته سگھجن ٿا
پر سندس جوابن جي اُميد کي ماري نٿو سگھجي
هوءَ مٽيءَ مان ٺھيل ماڻھو تي
دنيا جيڏو ناول لکڻ ٿي چاهي
آئون هُن جي کوجنا مان گھڻون خوفزده آهيان
ته ڪٿ هوءَ خُدا سان پھرين ملاقات ۾
ڪائنات جي وڏي هُجڻ جو ڊگھو بحث نه ڪري وجھي.!