آئون تو ۾ اڪيلو ئي رهڻ ٿو چاهيان ..!
جت مُحبتون مينھن ٿي وسنديون آهن
تون منھنجي توقع جي پھرين تصوير آھين
تنھنجي گھور جا گھوڙا
ڪنھن به وقت ماڻھوءَ مٿان ڪاھ ڪري ٿا سگھن
آئون تنھنجي لڱن جو اهڙو ته لتاڙيل آهيان
جو ساھن ۾ به سُڳنڌ سُرڪجي وئي آهي
ڌرتيءَ تي تنھنجو هُجڻ ئي
آسمان لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي
تون حُسن جي تاريخ جو اُهو تُمغو آهين
جنھن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ
ماڻھو محبتن جا ميڙ ڪري اچي بيھندا آهن
چنڊ جيڪو روشنيءَ جو رب هوندي به
الائي ڇو توکي ڏسندي ئي
ڪڪرن ۾ ڪنڌ هڻي لڪي ويندو آهي
تون سونھن جي سلطنت جي سرتاج آهين
مون ڪيترائي خيالن جا کُڙکُٻيتا ٻاري
تو ڏانھن روانا ڪيا آهن
آئون تنھنجون ڏيئن جھڙيون اکيون پاڻ ۾ پوکي
هر رات جو رستو روڪڻ ٿو چاهيان
تون جيڪا ٻاٽ ۾ به ٻرندي نظر ٿي اچين
منھنجا سڀئي گس تو ۾ ئي گُم ٿيڻ ٿا چاهن
آئون تنھنجي قرب جي قبيلي ۾
اڪيلو ئي رهڻ ٿو چاهيان
جت رُڳو مُحبتن جا ئي مينھن ٿا وسن
جت راتيون به توساڻ هوندي ڏينھن ٿا لڳن.