مون توکي ئي ياد ڪيو آهي ...!
پنھنجي محبوب جو نالو کنيو آهي
مون توکي ئي ياد ڪيو آهي
چٽي چانڊوڪيءَ ۾ سمنڊ جي وير جي چڙهڻ وقت
شڪار تان موٽي ايندڙ مڇيرن جو
بتيلن مان لھي پنھنجن گھرن ڏانھن واپس وڃڻ وقت
خالي اک ۾ ڪجل جي ڪانيءَ جي ڀرجي وڃڻ وقت
سياري جي سرد رات ۾ مسلسل ڏڪڻ وقت
تيز بارش ۾ هڪ ئي ڇٺيءَ هيٺان
ٻن ماڻھن جي گڏجي هلڻ وقت
سانجھه ويلي پکين جو واهيرن ڏي وري اچڻ وقت
۽ تارا ڳڻيندي رات مان صبح ٿي وڃڻ وقت
مون توکي ئي ياد ڪيو آهي
هڪ اُميد جو ٻي اُميد مان ڄمڻ وقت
اکين جا ڀنل پاند ڏسي پنھنجو پاڻ ۾ ئي پُسي وڃڻ وقت
درد جي ذخيري کي پاڻ ۾ ئي گڏ ڪرڻ وقت
هر روز هڪ نئون زهر جو ڍُڪ ڀرڻ وقت
مرڻ ۽ جيئڻ کانپوءِ جيءَ وري مرڻ وقت
تنھنجي گھر وٽان گُذري وڃڻ کانپوءِ به
ڪنڌ ورائي پويان ڏسڻ وقت
ڳوٺ جي گھٽين تي ڪن رکي تنھنجو ئي آواز ٻُڌڻ وقت
موسمن جي مٽجي وڃڻ کانپوءِ
موسمن جي ٻيھر واپس اچڻ وقت
ساحلن تي لکيل پراڻا نالا روز شام جو ڳولھڻ وقت
مون توکي ئي ياد ڪيو آهي
هيل مون مٿان سوڪھڙي جا ڏينھن لٿل آهن
هيل آئون بارشن ۾ ڀڳو ناهيان
هيل مون منجھان درد ڌوڙ جيان اُڏامندو رهي ٿو
هيل روئڻ جا رنگ مون تي هاريل آهن
هيل اکيون اوجاڳن جي آسمان هيٺ رهن ٿيون
هيل خزائن کائي مندائتو موڙڻ جھڙو ئي ناهي ڇڏيو
هيل ڪيل تنھنجا واعدا
الائي ڪيڏانھن مونکان گُم ٿيندا پيا وڃن
هيل به توکان وڇوڙا وڍيا ڪون ٿيا
هيل الائي ڇو پاڻ هڪ ٻي جي هٿن مان ڇڏائجي ويا آهيون
هيل الائي ڇو پاڻ هڪ ٻي جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن
هيل آئون توکي ڳولھيندي پاڻ ئي وڃائجي ويو آهيان
ڇا تو ايئن مونکي به ڪڏهن ياد ڪيو آهي..!؟
جيئن مون صرف توکي ئي ياد ڪيو آهي.....