آئون پنھنجي لاوارثيءَ جو اڪيلو گواهه آھيان
ڪڏھن حاصل ٿيندو
آئون جيڪو پنھنجي لاوارثيءَ جو اڪيلو گواھ آھيان
ڪائنات جيڪا تنھنجي اک جي گولائي ۾ ئي
گم ٿي ويندي آهي
آئون توکي دل جي دنيا مان ئي دريافت ڪرڻ ٿو چاهيان
تون منھنجي اڏاوت جو پھريون بُرج آهين
جنھن تي بيھي آئون عشق جو اعلان ڪري ٿو سگھان
مون تو مان پاڻ کي ڪيترائي ڀيرا گھڙيو آهي
۽ منھنجي ڊهي پوڻ جو جواز به
تنھنجي جدائي ڏانھن ئي وڃي ٿو
آئون جڏهن به تارا ڳڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته
مونکي تنھنجي چھري جا ڳڻيل تر ياد اچي ويندا آهن
تون پيار لاءِ ايتري ته اڪثير آهين
جنھن مان محبتن جا ڪيترائي مريض
صحتياب ٿي سگھن ٿا
مون هاڻ
خوابن جي گھوڙي تي سواري ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي
تون منھنجي ساڀيان جو اهو سج آهين
جيڪو هڪ ڏينھن ضرور مون مٿان اُڀرڻو آهي
آئون پاڻ ۾ توکي ئي تلاش ڪندو رهان ٿو
تون مون مٿان لٿل پيار جو پھريون ڪتاب آهين
جنھن کي آئون اڪيلي سر ئي پڙهڻ ٿو چاهيان
آئون پنھنجي تاريخ ۾ تبديل ٿيڻ ٿو چاهيان
زندھ رھڻ کان وٺي آئون تو ۾ ئي مري وڃڻ ٿو چاهيان.