مصور جي ڳولها ۾ .....
مون پاڻ کي ڪيترائي ڀيرا
ڪينواس تي چاڙهي ۽ ٻيھر هيٺ لاٿو آهي
آئون پنھنجي شڪل
پنھنجن ئي هٿن سان گھڙڻ ٿو چاهيان
ڪچن رنگن مان ٺھيل منھنجي پھرين شڪل
منھنجي معيار مطابق ناهي
آئون ڪلھه کان ان مصور جي ڳولھا ۾ آهيان
جيڪو منھنجي شڪل
پاڻ مرادو ٺاهي گم ٿي ويو آهي
مونکي پنھنجي شڪل مان
ڪيتريون ئي غلطيون درست ڪرائڻيون آهن
بنا نڪ جي به ڪو مُعاشري ۾ هلي ٿو سگھي ٿو...!؟
آئون پنھنجي اڻ مڪمل شڪل
ماڻھن اڳيان کڻي هلڻ نٿو چاهيان
مون ڪيترائي ڀيرا
اُن مصور سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
جيڪو بنا آڊر جي ئي ماڻھو ٺاهي ٿو ڇڏي.
مون پنھنجي اڌ ٺھيل شڪل کي
جڏهن به غور سان ڏٺو آهي
ته سندس عڪس مرد ۽ عورت جو بگڙيل جُزُ لڳو آهي
منھنجا خيال کدڙن جھڙا به ناهن
پر منھنجي شڪل عورت ۽ مرد کان مُختلف آهي
آئون پاڻ کي ٻيھر گھڙي ناهيان سگھيو
ڪينواس تان هيٺ ڪري پيل منھنجي تصوير
مصور جي ڳولھا ۾ آهي
مصور جيڪو بنا آڊر جي ئي ماڻھو ٺاهي ٿو ڇڏي.