چنڊ جنھن تي روز ڪُتا گڏجي ڀونڪندا آهن ..!
هو جيڪي تنھنجي اوچائي کان سڙن ٿا
سندن باهوڙ سان
روز رات جو منھنجي ننڊ ۾ خلل پوندو آهي
آئون ڪُتن جي ڀونڪ ٻُڌي
رات کي ڀونڊا ڏيڻ لڳندو آهيان
رات جيڪا ڪُتن سان گڏجي
ڪيترن ئي ماڻھن جي ننڊ خراب ڪري ڇڏيندي آهي
مون ڪيترن ئي نسلن جا ڪُتا
تو مٿان ڀونڪندي ڏٺا آهن
پر تنھنجي روشنيءَ تي ڪو به فرق ناهي پيو
تون جيڪو آسمان تي هوندي به
ڌرتيءَ کي روشن رکيو بيٺو آهين
اها ساک ستارا به ڏيندا ته
ڪيترن ئي سالن کان وٺي
روز رات جو تو مٿان ڪيڏونه باهيو ويو آهي
نيئرن ۾ ٻڌل ڪُتن کان وٺي
ڳوٺن ۽ شھرن جي رولو ڪُتن تائين
پر پوءِ به تنھنجي چانڊوڪيءَ کي به ڏاڙهي ناهن سگھيا
تو مٿان ڪُتن جون اُلرون ڏسي
مونکي حيرت ٿيندي آهي ته
ڇا ڪُتن جي ڀونڪڻ سان
چنڊ آسمان ۾ اُڀرڻ ڇڏي ڏيندو..!؟
چنڊ جيڪو ڌرتيءَ کي آسمان تان بيھي ڏسندو آهي
۽ ڪُتا جيڪي زمين تي بيھي.
روز رات جو آسمان جي چنڊ تي گڏجي ڀونڪندا آهن .