بارش ۾ پُسيل نظم
مونکي اُڃان تائين سمجھه ۾ اچي ناهي سگھيو
نظم جيڪو پيار جو پھريون گواھ آهي
جيڪو هاڻ موسمن جي حالتن هٿان هلاک ٿي چڪو آهي
آئون اڪثر اهو ئي سوچيندو رهندو آهيان ته
گواهن جو اچانڪ گم ٿي وڃڻ
ماڻھو کي ايئن به ماري وجھندو آهي..!؟
جيئن اڄ آئون پھريون ڀيرو مري چڪو آهيان
مون وٽ هاڻ ڪا به گواهي ناهي بچي
توتي پنھنجو حق جتائڻ جي لاءِ
بارش منھنجي پيار جي گواهي جي پھرين قاتل آهي
آئون آسمان جون جھڙاليون اکيون ڏسي
پنھنجون اکيون اگھڻ لڳندو آهيان
غم جي گوڙ منھنجي خاموشي کان الاهي وڏي آهي
مون هاڻ ڪچن پنن تي نظم لکڻ ڇڏي ڏنا آهن
تنھنجي پيار جا سمورا ثبوت
آئون دل جي ديوارن تي لکڻ لڳو آهيان
هاڻ منھنجن نظمن کي بارش ۾ ڀڄڻ جو ڊپ ناهي
هاڻ منھنجا نظم بارش ۾ وهنجڻ جيڏا ٿي ويا آهن.