شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

هوءَ منھنجي آوارگيءَ کان الاهي وڏي آهي ...

هُن کي سوال ڪرڻ جي وڏي سُڌ آهي
هوءَ هر سال امتحان ۾ پھريون نمبر کڻي
ڪيترا ئي ميڊل ماڻي وٺندي آهي
سندس سوالن جا صُبح مون مٿان سج ٿي اُڀريا آهن
آئون سندس قرب جي ڪاڙهن ۾ پلجندڙ پھريون ماڻھو آهيان
سندس سوالن جي سطح
وجودن جي ماپ کان الاهي مٿي هوندي آهي
هوءَ مونکي ڪائنات جو پھريون پنڌ لڳندي آهي
مون هُن ۾ ڪيترائي رولاڪين جا رڻ رُليا آهن
هوءَ پيار جي اک مان نڪتل عشق جو اُلاءُ آهي
جيڪو ڪنھن به وقت ماڻھو مٿان ڪري ٿو سگھي
آئون ڪيترائي ڀيرا هُن مان پاڻ کي ڳولھي ۽ پاڻ کي وڃائي آيو آهيان
هوءَ محبتن جي ميدان ۾ فتح جي نشان جھڙي آ
هُن جي اک سمنڊ کان به گھري آ
جنھن ۾ ماڻھو ته ڇا پر غوراب به گم ٿي سگھن ٿا
هوءَ جڏهن به سوالن جا سڌا وار مون مٿان ڪندي آهي
ته آئون ڪنھن پادري يا پنڊت جيان ڳيت سان ڪيتريون ئي ڳالھيون ڳيھي ويندو آهيان
جنھن جو اندازو هوءَ پاڻ مرادو ئي لڳائي وٺندي آهي
هُن جي سمجھه جو ستون آسمان
منھنجي آوارگيءَ کان الاهي وڏو آهي
هوءَ ڳولھا جو نئون ناول لکڻ وقت
الائي ڇو خُدا جيان خاموش ٿي ويندي آهي
پنھنجن سوالن جا جواب نه ملڻ تي.!!
