ماءُ
تون جيڪا ڪائنات جو محور آھين
دنيا تنھنجي دُن جي دائري مان وهي
وجود ۾ آئي آھي
آدم کان وٺي هن سڄي خلق کي
پوکڻ جي رسم جو رواج
توکان ئي ته شروع ٿيو آهي
مون تنھنجي ٻانھن مان ھميشه
لوليءَ جو لاڀ ئي حاصل ڪيو آھي
تون اها ڇانوءِ آھين جنھن هيٺان
زمانا زندگيون گذاري اُس سان اکيون ملائي ٿا سگھن
منھنجي پکيڙ کي تنھنجي ئي پيار جا پر لڳل آھن
سڀ نديون تنھنجي وجود جو وهڪرو ٿيون لڳن
تون سمنڊ جي اُها اُٿل آھين
جيڪا بيابانن تائين به پاڻي جو پنڌ پڄائي ٿي ڇڏي
مون تنھنجي اکين مان عشق جو آسمان ڳولي لڌو آھي
تون اُهو جنت جو جزيرو آھين
جنھن منجھان رڳو محبتن جي ماکيءَ جا ڀريل مٽ ئي ملن ٿا
آئون تو مان گل ٿي ڦٽو آھيان
منھنجي آبياري توکان سواءِ ممڪن نه هئي
تون زندگي جو اهڙو ته گيت آھين
جنھن کي صرف دل جي ڌُن سان ئي ڳائي ٿو سگھجي
تون منھنجي جنم جي پھرين چيخ آھين
تون ئي ڪائنات جي تصوير جي تاريخ آھين.