شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

مونکي ھاڻ سمجھه ۾ آيو آهي ...

چنڊ تي هلڻ جون ڳالھيون
مونکي هاڻ سمجھه ۾ آيون آهن
ڀروسا جيڪي ماڻھوءَ کي ڪٿ به هلائي ٿا سگھن
آئون تنھنجي اکين ۾ هلندي
صدين تائين سفر ڪري سگھان ٿو
غم جو گولو ڀل ته ڪيڏو به وڏو ڇو ن هجي
آئون تنھنجي پيار جي پرن سان
آسمانن تائين اُڏامي سگھان ٿو
شمسي گرھ تنھنجي بدن جي بيھڪن جھڙا ته ناهن
پر آئون تنھنجي مُرڪ سان
سڄي مُحبتن جي مخلوق گڏ ڪري
دنيا مٿان حُڪمراني جو حق حاصل ڪري سگھان ٿو
سج چنڊ ۽ تارا
تنھنجي حُسن اڳيان هڪ پل به ٽڪي نٿا سگھن
تون نعمتن جي اُها ندي آهين
جنھن مان ڪيترائي سمونڊ سيرابجن ٿا
هوائن جي هٿ تي گُھمندڙ تنھنجو غرور
وڻن کي به لوڏي وجھندو آهي
تنھنجي ماپ جو معيار
محبتن جي اک سان ڪري ٿو سگھجي
زمين ۽ آسمان جيڏا سفر
مون تنھنجي ئي اکين ۾ ڪيا آهن
چنڊ تي هلڻ جو تجربو
مونکي هاڻ سمجھه ۾ اچي ويو آهي
آئون توسان گڏجي
دنيا جو ڪو به گولو گُھمي ٿو سگھان.
