شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

آئون پنھنجو پاڻ کي ڳولھي رهيو آهيان ...!

اڄ مونکي پنھنجو پاڻ کي ئي ڳولھڻون آهي
آئون وقت جي واندڪائي هٿان
اُهو مري ويل ماڻھو آهيان
جنھن جي ڪنن تائين
پنھنجي وڃائجي وڃڻ جو اطلاع به ناهي پُھچي سگھيو
منھنجا مُھانڊا
مونسان مشاهبت آخر ڇو نٿا ڏين..!؟
آئون پنھنجي زندھ هجڻ جي هڪ به نشاني
هٿ ناهيان ڪري سگھيو
ٺھڻ ۽ ڊھڻ جو سلسلو
منھنجي وجود کان آخر ڪيترو وڏو آهي...!؟
اهو سوال آئون اڪثر سمنڊ کان ڪندو آهيان
سمنڊ جنھن جو ذائقو اڃان تائين مٺو ناهي ٿي سگھيو
آئون پنھنجا آثار ڳوليندي
هڪ وڏو اثاثو ٿيندو پيو وڃان
پاڻ کي پڙهڻ جا ڏينھن اڄ مون مٿان لٿل آهن
طبقن ۾ ورهايل
زمين ۽ آسمان جا ستئي پُڙ
آئون پنھنجي مٿي تي رکي رُلي رهيو آهيان
پر آئون پاڻ کي ڳولھڻ جون ڳالھيون
ڪٿان به حاصل ناهيان ڪري سگھيو
ڪٿ آئون خود پرستيءَ ۾ اچي
خُدا ته ناهيان ٿي ويو...!؟
