شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

تون منھنجون اکيون پاڻ وٽ سنڀالي رکجان

قتل ٿي وڃڻ کان پھرين
تون منھنجون اکيون پاڻ وٽ سنڀالي رکجان
اکيون جيڪي مٽيءَ جو
معيار ماپي سگھنديون آھن
اکيون جن سان مشاھدن ۽ معاھدن جي
ماپ ڪري وٺبي آھي
آئون ديس کي انڌو ڏسڻ نٿو چاھيان
منھنجي وطن جي وڻن جيان اونچا
منھنجي ڌرتي جي سپاھين جا قد آھن
آئون نٿو چاھيان ته منھنجا ارادا
توکي ڏسڻ کان اڳ اکيون پوري ڇڏين
تون جيڪا رت جو درياھ پار ڪري
پوءِ مون وٽ اچڻي آھين
مون تنھنجي لاءِ ڪيڏا نه گيت لکي رکيا آھن
چاھيان ٿو ته سي سڀئي توکي ئي ٻڌائجن
تون جيڪا روح جي رڌم ۾ تاڻيل تند جيان آھين
آئون تنھنجي وڄت جو آواز
پنھنجن ئي ڪنن سان ٻڌڻ ٿو چاھيان
مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو توکي ئي سڏيو آھي
اچ منھنجي آسمان ۾ پنھنجي روشنيءَ جا رنگ ڀري وڃ
مونکان ھاڻ ھيءَ خزان جي موسم برداش نٿي ٿي
آئون نٿو چاھيان ته توکي ڏسڻ کان اڳ مري وڃان
تون منھنجي ڌرتي جي پھرين بھار آھين
جـنھن جي آئون غيرتن جي ڳاڙھن گلن سان
آجيان ڪرڻ ٿو چاھيان
تون منھنجي تاڻيل تلوار جي اُھا اُک آھين
جنھن جي تجلن منجھان آئون روز تـوکي ڏسي وٺندو آھيان
اي ڌرتي تنھنـجي ڌُن جو آواز
جڏھن به منھنجن ڪنن سان ٽڪرايو آھي
ته مون تنھنجو ئي گيت ڳايو آھي
ھڪ اھڙو گيت
جنھن سان زندگي گڏ رھڻ جو وچن ڪري ڇڏيو آھي
منھنجي ديس جا ڳڀرو تنھنجون ڳالھيون ٻڌي
روز پاڻ کي پھاڙن سان ٽڪرائين ٿا
سندن سينون آرھڙ جي اُس کي
سامھون ٿي بيھڻ جي سگھه رکي ٿو
سـندن ھمٿ سمنڊ جي اُڇل کان به وڏي ٿي چُڪي آھي
مائرن به پنھنجن تازن ڄاول ٻارن کي
ٿڃ سان گڏ تنھنجي ئي سُتيءَ جو سڏ پياري ڇڏيو آھي
مون تنھنجي واقفيت
پنھنجي ڌرتيءَ جي ڌنارن سان به ڪرائي ڇڏي آھي
جيڪي روز تنھنجو انتظار ڪن ٿا
عشق جي پوک ۾ اسان صرف آزاديءَ جو ئي ٻج پوکيو آھي
جيڪو ھاڻ پچي راس ٿي چڪو آ
تون منھنجون اکيون منھنجي قتل ٿي وڃڻ کانپوءِ به
پاڻ وٽ ئي سنڀالي رکجان
ڇو ته
ھو منھنجون اکيون ان ڪري ئي ڪڍي ڇڏڻ ٿا چاھن
جو منھنجن اکين صرف
آزاديءَ جا ئي خواب ڏسڻ پسند ڪيا آھن
آئون نٿو چاھيان ته
منھنجي اکين سان گڏ منھنجا خواب به مريا وڃن.
