آئون توسان گڏجي روئڻ ٿو چاهيان ...
تو مٿان به وٺو آهي ته مون مٿان به وٺو آهي
درد جنھن جي ڪا به ماپ ۽ شڪل ناهي ٿيندي
پيار هڪ اهڙي پيڙاھ آهي
جنھن ۾ تون به لُڇي آهين جنھن ۾ آئون به لُڇيو آهيان
پاڻ ڪڏھن به هڪ ٻئي سان
درد جي مٽا سٽا ناهي ڪئي
اکيون جيڪي تنھنجون به پُسيل رهنديون آهن
اکيون جيڪي منھنجون به ڀنل هونديون آهن
پنھنجا ڏينھن هڪ جھڙا هوندي به
الائي ڇو پاڻ ڪڏھن به ڪنھن رات ۾ گڏجي ناهيون سگھيا
آئون توسا گڏ کلڻ جون ڪيڏيون خواهش کڻيو وتان
گڏ هلڻ جا ۽ گڏ کلڻ جا ڏينھن
آخر ڇو وقت پاڻ منجھان وڍي ٻاهر ڪڍي ڇڏيا آهن
آئون تنھنجي جوانيءَ مان
ڀاڪرن جيڏيون ڀريون ڀرڻ ٿو چاهيان
عشق جي عيد جھڙن ڏينھن تي
آئون تنھنجي ئي قرب جا ڪپڙا پائي
نينھن سان نئون ٿيڻ ٿو چاهيان
تنھنجي گھٽيءَ جا ٻار هوبھو تو جھڙا ئي آهن
تنھنجي کل ۽ خوشبوءِ جھڙا آهن
پر تنھنجا الائي ته ڪھڙا حال آهن...!؟
آئون ته پنھنجو پاڻ کي
روز هڪ نئين درد مان ڌوئي
سور جي تار تي شڪائيندو آهيان
ڇا تنھنجا ڏينھن به ڪجھه اهڙا ئي آهن...؟
آئون پنھنجا درد ٻُڌائي توکي ويتر ڏُکارو ڪرڻ نٿو چاهيان
آئون توسان گڏ کلي نٿو سگھان ته ڇاهي
پر آئون توسان گڏجي ضرور روئڻ ٿو چاهيان.