نظم جيڪي ننڊ ناهن ڪندا...
۽ آئون نظم لکي رهيو آهيان
نظم جن جي عمر زندگيءَ جيڏي آهي
نظم جن جون اکيون
ڌرتيءَ تان بيھي آسمانن جا تھه ڳڻي وٺنديون آهن
هو چاهين ٿا ته آئون رات ٿي وڃان
پر هي منھنجا سج جيڏا نظم
جيڪي هر روز هڪ نئين تپش سان اڀري رهيا آهن
جن کي ڏسندي ئي هو پاڻ سڙي ٿا پون
هو منھنجا هٿ وڍي
منھنجي آڱرين کان نظم لکڻ جي سگھه کسڻ ٿا چاهن
هُنن کي اها خبر ئي ناهي ته
روح جي رت مان ٻُڏي نڪتل نظمن کي
ڪاڳر ۽ قلم جي ضرورت ناهي پوندي
نظم جن کي درياھ جھڙي رواني هجي
اُهي ڪڏهن به رُڪجي نٿا سگھن
هو چون ٿا ته
آئون پنھنجن نظمن جا گس مٽائي
کين ڪنھن ٻي راھ تي هلڻ سيکاريان
اُهي نظم تاريخ جي چُمي ٿي ويندا آهن
جن کي پنھنجي ڌرتي ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيندي آهي
اها اُنھن کي خبر ئي ناهي ته
مون پنھنجا نظم ڌرتيءَ جي اوڙن ۾
ٻج ڪري ڇٽي ڇڏيا آهن
جيڪي آخر هڪ ڏينھن نئين صبح سان گڏجي اڀرڻا آهن
هو چاهين ٿا ته
منھنجون اکيون هاڻ ڪجھه به ڏسي نه سگھن
پر اُنھن کي اها خبر ئي ناهي ته
منھنجون اکيون ئي منھنجا نظم آهن
نظم جن کي پنھنجي ھڪ الڳ اُڏار آهي
نظم جيڪي هوائن مٿان به هلي ٿا سگھن
نظم جن کي گولي سان ماري نٿو سگھجي
نظم جن جي اکين مٿان پٽي نٿي ٻڌي سگھجي
نظم جيڪي زندگيءَ جو گيت هوندا آهن
نظم جن کي ڳائي ته سگھجي ٿو
پر گھائي نٿو سگھجي
هو خوفزده آهن
مونکان وڌيڪ منھنجن نظمن کان
هو هاڻ اهو هرگز ئي نٿا چاهين ته ڪو
مون منجھان هڪ به نئون نظم جنم وٺي سگھي
ھو منھنجي مري وڃڻ کان وڌيڪ
منھنجي نظمن جي اکين تي هٿ رکي
کين ننڊ سُمھارڻ جي ڪوشش ۾ آهن
هُنن کي اها ڄاڻ ئي ناهي ته
نظمن جون اکيون
ماڻھن جي اکين کان مختلف ٿينديون آهن
نظم جيڪي ننڊ ناهن ڪندا
نظم جيڪي جاڳندا ئي رهن ٿا
اڻ کُٽندڙ صدين جي سفر تائين.