مونکي پنھنجو ڪري وڃ ....
توکي ئي پوکي ڇڏيو آهي
هن وقت جھڙالن جي گھاٽي موسم پئي هلي
آئون پنھنجون ڀريل اکيون به
پاڻ مٿان ئي وسايو ويٺو آهيان
دل جي دڙائي جا ڏينھن به هاڻ
غم جو وڏو گاھ مورائي ويا آهن
هيل ته ساھن جا سلا به اچي سُڪڻ تي پھتا آهن
آئون تنھنجي چاھ جي چونڊي مان
ڪٿ ڪري ته نه پيو آهيان..!؟
منھنجي ٻانھن جي ٻارين ۾ ڪيترائي خال ٿي پيا آهن
اچ منھنجي روح ۾ رُونبو ڪري وڃ
۽ مونکي پنھنجو ڪري وڃ.