شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

مونکي تون ياد اچي ويندي آهين..!

سمنڊ ۾ ٻُڏندڙ ٻيڙا ڏسي
آئون اڪثر حيرت ۾ اچي ويندو هئس
اُن وقت سمنڊ جي گھرائي جو اندازو لڳائڻ
منھنجي وس جي ڳالھه نه هئي
سمنڊ جنھن جي گھرائي ۾
روز ڪيترائي ٻيڙا ٻُڏي ٿا وڃن
۽ زميني زلزلا جيڪي
وڏين عمارتن کي به لوڏي وجھندا آهن
اکين ڏٺا حادثا بيان ڪندي
مونکي ڪو به خوف ناهي ٿيندو
پاڻ سان ٿيل حادثن جا قصا
آئون آخر ڪنھن کي ٻڌايان
محبتن کان خالي ٿي ويل ماڻھو
ان ڳالھه تي يقين به ڪندا الائي نه
ته عشق جي عمارتن کي
توکان سواءِ ٻيو ڪير لوڏي ئي نٿو سگھي
آئون اهو دعويٰ سان ٿو چوان ته
تون پنھنجي حُسن سان ماڻھن کي ته ڇا
پر پوري دنيا کي لوڏي ٿي سگھين
آئون جيڪو تو ۾
ساھ کڻڻ سميت ئي وڃائجي ويو آهيان
سمنڊ جي گھرائي کان وڌيڪ
مونکي تنھنجي پيار جي گھرائي گم ڪري ڇڏيو آهي
جنھن ۾ ٻُڏي ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ به
آئون واپس ئي تو ۾ ٻُڏڻ چاهيندو آهيان
هاڻ جڏهن به ڪو مونکان
گھرائي جي باري ۾ پُڇندو آهي
ته مونکان سمنڊ وسري ويندو آهي
۽ مونکي تون ياد اچي ويندي آهين.
