شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

آئينا جيڪي ڪنھن به وقت ٽُٽي ٿا سگھن ...!

پاڻيءَ تي هلڻ جون ڳالھيون
مون بحري جھازن کان سکيون آهن
دليلن کانسواءِ
مون دنيا ۾ هلڻ ڇڏي ڏنون آهي
عمر جا ڪيترائي سال مون
تجربن جي تکي تلوار مٿان هلندي گُذاريا آهن
آئون پنھنجا زخمي ٿيل ڏينھن
پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ نٿي چاهيان
زخم جيڪي ماڻھوءَ کي ضعيف ڪريو ٿا ڇڏين
آئون پنھنجي باقي بچيل زندگيءَ لاءِ
ڪو به پيار جو نئون پروجيڪٽ کڻڻ لاءِ تيار ناهيان
پروجيڪٽ جيڪي صرف
فارملٽيءَ جي پورائيءَ تائين ئي گڏ هوندا آهن
آئون پنھنجي اڌ زندگيءَ جو ڀريل فائل
ڦاڙي ڇڏڻ ٿي چاهيان
مون گڏ رهڻ کي گناھ جو نالو ڏئي ڇڏيو آهي
گناھ جنھن جي شڪل رات ۽ ڏينھن ۾ به
هڪ جھڙي ئي هوندي آهي
وقت مونکي وراثت جو گوشت سمجھي کاڌو آهي
ماڻھو مطلب نڪرڻ کانپوءِ
ڪتن وانگر پُڇ به ناهن لوڏيندا
هاڻ آئون به پاڻ کي
ڪپڙن کان آجو رکڻ نٿي چاهيان
آئون نٿي چاهيان ته
منھنجي جواني جو سڄو حساب
منھنجي پيريءَ کان ورتو وڃي
ان ڪري مون تجربن کان طلاق وٺي ڇڏي آهي
هاڻ آئون آئينا ڏسڻ به پسند ناهيان ڪندي
آئينا جيڪي تجربن جھڙا هوندا آهن
آئينا جيڪي ڀروسن جيان ڀڄي پوندا آهن
آئينا جيڪي ڪنھن به وقت هٿن مان ڪري ٿا سگھن.
