ڳوٺ جيڪو هاڻ پوڙهو ٿي چُڪو آهي
سُڪل وڻن جا سڏ
پکين کي ٻُڌڻ ۾ نٿا اچن
هاڻ سھيليون ساٿ ڪري
درياھ تان پاڻي ڀرڻ به ناهن وينديون
درياھ جيڪو توکانپوءِ سوڪ جو شڪار ٿي ويو آهي
ڳوٺ جي پوڙهين دائين جا هٿ به هاڻ
ناڙ وڍڻ جھڙا ناهن رهيا
زندگي ۽ موت هڪ ٻي جي ويجھو اچي بيٺا آهن
ڳوٺ جنھن جي مُرڪ هاڻ مُساڳن جھڙي ناهي رهي
ڳوٺ جنھن جي سانجھه سڳي جھڙي لڳندي هئي
ڳوٺ جيڪو هاڻ ڦُليءَ جھڙو ناهي رهيو
ڳوٺ جنھن ۾ هاڻي گل ناهن ٽڙندا
ڳوٺ جنھن ۾ پوپٽ نظر ناهن ايندا
ڳوٺ جيڪو تو جيان جوان هو
ڳوٺ جيڪو هاڻ پوڙهو ٿي چُڪو آهي
ڳوٺ جيڪو سالن کان سُتو ناهي
ڳوٺ جنھن جي اکين خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن
ڳوٺ جنھن تي هاڻ ڪا به بارش وسڻ ناهي ايندي
ڳوٺ جنھن جون اکيون بارش جھڙيون ٿي پيون آهن.