رسمن جي رسي ۾ ٻڌل ماڻھو ..!
جو هاڻ هڪ ٻي کي
ياد ڪرڻ جھڙا به ناهيون رهيا
مُحبت جيڪا مجبوريءَ جي پوريل مُٺ ۾
گھڻن ڏينھن کان وٺي
گُھٽجي ساھ کڻڻ جھڙي ئي مس وڃي بچي آهي
آئون پنھنجي شادي جا ڏينھن
هٿن تي لڳل ميندي بنا ئي گُذاري رهيو آهيان
۽ تون جيڪا پنھنجي ننڍپڻ جي ٽوپيل نڪ ۾
اڃان تائين سوني ڦُلي به پائي ناهين سگھي
پاڻ ٻنھن جا وڇوڙا
وصل جي واٽ تي سڌي منھن سڙي رهيا آهن
پنھنجون محبتون هڪ جھڙيون هئڻ سان گڏ
پنھنجا ڏُک به ساڳيا آهن
تو ستين سال کانپوءِ
ڄاول پنھنجي پھريئين پُٽ جو نالو به
منھنجي ئي شاعريءَ مان ڳولھي رکيو آهي
۽ آئون پنھنجي ڌيءَ تي پنھنجي ئي مرضيءَ سان
نالي رکڻ جيترو حق به ناهيان رکي سگھيو
آئون امان جي وڌل پوتيءَ جي پاند کي
اڄ به زندگيءَ جي ڳچيءَ ۾ ويڙهيو وتان
۽ تو پيءُ جو پٽڪو ڪرڻ کان بچائيندي
پاڻ کي باھ ۾ اُڇلائي ڇڏيو
مون پنھنجي ماٺ مان ڏکن جا ڏلھا ڀري رکيا آهن
جيڪي روز پنھنجي ٻارن جيان وڌي وڏا ٿي رهيا آهن
ڪاغذن جي لکت ۾ هڪ ٻي جو ٿي وڃڻ
۽ روح کان الڳ ٿي جسمن تي بيھي رھڻ
اهڙو سور مون رات به روئندي پنھنجي اکين سان اوريو آهي
آلين ڪاٺين کي ٻاري گُھٽجي مرڻ جھڙا ڏينھن
تو مٿان به لٿل آهن
ته مون مٿان به لٿل آهن
تون پنھنجي مڙهيل مُڙس سان
ڪيترائي ڀيرا اکيون پوري سُتي آهين
اهو اندازو مونکي
تنھنجي پُٽ جي اکين مان ئي لڳائڻو آهي
جنھن جي شڪل ماڻھن موجب مون تي ئي وئي آهي
آئون پنھنجي ڌيءَ ۾ ته توکي ڏسي ناهيان سگھيو
پر آئون تنھنجي پُٽ ۾ پاڻ کي ضرور ڏسڻ ٿو چاهيان.