بُک جو اسٽال
ماڻھون پنھنجون خوشيون نئين سر خريد ڪرڻ جي لاءِ
اميدن جا اسٽال لڳايو ويٺا آهن
ميڊيا ڪيميرا جي اک سان جائزي جي جھان ۾ گم آهي
وقت پنھنجي پراڻي لباس کي لاهي
اروڙي تي اڇلائي ڇڏيو آ
جنھن کي پوئتي مڙي ڏسڻ جي به کيس فرست ناهي رهي
آئو پنھنجي زندگيءَ جي ڪُل ڪمائي ۾ مليل بُک کڻي
جڏهن اُس جي اسٽال هيٺان وڪرو لاءِ اچي ويٺس ته
ماڻھن پنھنجي خوشين جي فروخت ۾
وڏو خلل پوڻ جي ڪري
منھنجي بُک جي لڳل اسٽال وٽان
هڪ ڊگھي چادر ٻڌي
مُھاڙي جو رُخ ئي مٽائي ڇڏيو
منھنجي بُک جو لڳل اسٽال
ميڊيا ۽ ماڻھن جي نظرن کان اوجھل ئي رهجي ويو
ماڻھو پنھنجون ننڍيون خوشيون وندر سان وڪڻي
وڏيون خوشيون کڻي گھرن ڏانھن واپس هليا ويا
۽ آئون پنھنجي بُک نه وڪرو ڪري سگھڻ تي
کيس واپس گھر کڻي آيو آھيان
بُک جيڪا مون ۾ گھر ڪري وهي رهي آهي
بُک جيڪا منھنجا ٻچا کائي مچي مواڙ ٿي پئي آھي
بُک جيڪا وڪرو ڪرڻ کان رهجي وئي آھي
بُک جيڪا هاڻ زندگيءَ جي اڳيان بيٺل
موت جھڙي ڀوائتي شڪل ٿي پئي آھي...