هيل آئون به توسان ئي گڏ جي وسڻ ٿو چاهيان..
ٻڌو آ ته تون گھڻي وٺي آهين
گڏجي وسڻ جا ڏينھن ڪيڏا نه سُٺا هوندا آهن
پنھنجو پاڻ تي وسڻ
۽ پاڻ ۾ ئي پُسي وڃڻ
جيڪو هر ماڻھوءَ جي وس نه هوندو آهي
آئون توکان ڪجھه ڏينھن پھرين وٺو آهيان
۽ تو جيان ئي اڪيلو پُسيو آهيان
پنھنجي وسڻ جا ڏينھن ۽ راتيون هڪ جھڙا آهن
پنھنجي روئڻ ۽ کلڻ جا ڏينھن
الائي ته ڪڏهن هڪ جھڙا ٿيندا
منھنجي اکين تي رکيل تنھنجا هٿ
۽ ڪنگرڪلوٽو پاڻيءَ تي ڦوٽو واري راند
اڄ به مون سان گڏ ڊوڙي رهي آهي
تون ان راند کانپوءِ يڪي گم ٿي وئي آهين
آئون پنھنجي گھر ۽ ڳوٺ جون سڀ گھٽيون
توکي ئي ڳولھيندو رهيو آهيان
پاڙي جون پوڙهيون عورتون تنھنجو ڏس ڏيڻ کان اڳ
الائي ڇو ڏڪي وينديون آهن
ايئن محسوس ٿيندو آهي
ڄڻ ته آئون ڪنھن حملي آور لشڪر سان گڏ آيل هُجان
ڪيڏي نه وقت جي بيرحم وارتا آهي
جو پروڪي پيل برسات ۾ گھرن جون ڀتون به
اڃان تائين روئي رهيون آهن
۽ آئون توکي ڳولھي به ناهيان سگھيو
هيل وسڻ جي مُند ۾
آئون پنھنجي اکين تي رکيل تنھنجا هٿ
لاهي ڇڏڻ ٿو چاهيان
هيل آئون به توسان ئي گڏجي وسڻ ٿو چاهيان .