ٻہ اکر: عبدالقادر جوڻيجو
ڪجهہ سال اڳ جيڪڏهين ڪو سنڌي ماڻھو رڳو ٿر ڇڏي سکر پھچندو هو يا سکر ڇڏي ٺٽي پھچندو هو تہ پنھنجو تعارف ڪرائڻ کان اڳ ۾ اهي اکر چوندو هو تہ ”ڀائو، پرديسي ماڻھو آهيون، تنھنجي ملڪ مان اچي ٽٽا آهيون“ ۽ پڇاڙيءَ ۾ چوندو هو تہ ”يار پرديسين جي پارت اٿئي.“ انھيءَ صورتحال ۾ سنڌي ماڻھن جي سائيڪيءَ جو اندازو اوهان پاڻ لڳائي سگهو ٿا تہ جيڪو ماڻھو پنھنجي ئي ملڪ ۾ پاڻ کي ’پرديسي‘ سمجهندو هُجي تہ اُهو ماڻھو دنيا جي ڪنھن ٻئي ڏورانھين ملڪ ڏانھن سواءِ ڪنھن وڏي لاچاريءَ جي ڪيئن ٿو اُسھي سگهي! ۽ جي لاچاريءَ وچان ڪنھن ڏورانھين ملڪ مان وڃي نڪري بہ سھي تہ انھيءَ جي ذهن ۾ ”پويان جي ڇِڪ“ جي باري ۾ ڪھڙو حشر متل هوندو!.
الطاف شيخ جڏهين شروع شروع ۾ پنھنجا سفر ناما لکڻ شروع ڪيا هئا تہ سنڌ جي نوجوانن جي بہ اهائي حالت هُئي، جيڪا آئون مٿي ڄاڻائي آيو آهيان. ظاهر آهي تہ جيڪڏهن الطاف شيخ جي لکت ۾ دم خم نہ هجي ها تہ نوجوان پڙهندڙ سندس ڪتابن تي ايڏو ڌيان نہ ڏين ها ۽ نہ ڪو هو سنڌيءَ جو وڌ ۾ وڌ پاپولر ليکڪ بڻجي ها. پر جيئن تہ سندس لکيل ڇپيل ۽ لفظن ۾ ايڏي سگهہ هُئي، جنھن هزارن جي منھن نوجوانن کي سنڌ ڇڏي ٻاهر وڃڻ جو اتساھہ ڏياريو ۽ ڪئين نوجوان ٻاهرين مُلڪن مان وڃي نڪتا ۽ سنڌ جي هزارين زندگين تي وڏو اثر پيو آهي. جيڪڏهين انھيءَ ”اثر“ تي ڪو ويھي ريسرچ ڪري (جيڪا ڪرڻ بہ کپي) تہ ايترا تہ انگ اکر (Facts & Figures) سامھون ايندا ۽ سندس لکيل بظاهر سڌن سادن لفظن جي پويان لڪل ڳُجهہ ائين تہ پڌرو ٿي پوندو جو اهڙي قسم جي ريسرچ پڙهي سمجهو پڙهندڙن کي پگهر اچي ويندا. پر جي ڀلا ڪو ريسرچ نہ بہ ڪري ۽ رڳو پنھنجي ڪامن سينس کي ڊوڙائي تہ بہ حيران ڪندڙ نتيجا سامھون ايندا. هتي مون کي اها ڳالھہ افسوس وچان لکڻي ٿي پئجي وڃي تہ الطاف شيخ جي ڪتابن ۾ موجود انھيءَ پھلوءَ تي ڪنھن بہ نظر نہ وڌي آهي، جيڪو سندس حق بڻجي ٿو. جيتوڻيڪ سندس تحريرن جو وڏي ۾ وڏو اهو ڪارج آهي تہ هن لکي ڪري سنڌ جي نوجوانن سندن گهراڻن ۽ سندن دوستن توڙي انھن جي گهراڻن جي زندگيءَ تي ايڏو اثر ڇڏيو آهي، جيڪو هن دور جي وڏي ضرورت هئي. جيڪا ڪنھن سياستدان ۽ سوشل ورڪر جي بدران هڪ ليکڪ پوري ڪئي آهي. الطاف شيخ جو اهو ئي وڏي ۾ وڏو ڪارنامو آهي.
الطاف شيخ جي سفرنامن جا ٻہ پھلو آهن (1) غير ملڪن جي سماجي ۽ اقتصادي زندگي جي ڄاڻ ڏيڻ ۽ (2) غير ملڪن جي (Folk Wisdom) (لوڪ ڏاهپ) جي ڄاڻ ڏيڻ.
سندس ڪتابن ۾ ڪٿي پھريون پھلو اچي وڃي ٿو تہ ڪٿي ٻئي پھلو اچي وڃن ٿا تہ ڪٿي وري رڳو پوئيون پھلو اچي ٿو وڃي. سندس هيءُ ڪتاب ”ڳالھيون تنھن جپان جون“ پوئين پھلوءَ متعلق آهي، جنھن ۾ هن جپان جي ماڻھن جي (Wisdom) ڏاهپ تي نظر وڌي آهي.
هت اسان وٽ سنڌ جي لوڪ ادب (Folklore) تي تہ گهڻي ئي ڪم ٿيو آهي پر ڏک جي ڳالھہ آهي تہ لوڪ ادب کان وڌيڪ ڪارج رکندڙ لوڪ ڏاهپ تي ايڏي گهري نظر نہ وڌي وئي آهي، جو انھيءَ کي مسئلن جي حل ۾ ڪم آڻي سگهجي. هلندي هلندي اهو بہ عرض ڪري ڇڏجي تہ چين ۾ هيستائين جيڪا بہ ترقي ٿي آهي، انھيءَ جو بنياد چين جي لوڪ ڏاهپ تي رکيل آهي. مشينون تہ پوءِ ٿيون اچن. مشينن کاناڳ ۾ تہ اهو انسان ڪائونٽ ٿو ٿئي، جيڪو اهي مشينون ٺاهي ۽ هلائي ٿو. بھرحال جڏهن اڃا سنڌ ۾ سنڌ جي لوڪ ڏاهپ تي ايڏو ڪم نہ ٿيو آهي تہ انھيءَ کان اڳ الطاف شيخ سنڌي زبان ۾ جپان جي لوڪ ڏاهپ جا گُر ۽ سُرَ هن ڪتاب ۾ گڏي اسان جي اڳيان رکيا آهن. الطاف شيخ جي شديد محنت، سمجهہ ۽ جبلتن جي نتيجي ۾ هن ڪتاب جنم ورتو آهي، جنھن کي پڙهڻ سان دماغ جون ڪيتريون ئي کڙڪيون کلي پون ٿيون.
ڏور اوڀر جي سياڻپ ڪافي وقت کان وٺي، بلڪ ٻن ٽن هزار سالن کان وٺي اسان جي هتان جي ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندي رهي آهي. انھيءَ سياڻپ جي باري ۾ جتي اسان وٽ حديث شريف ۾ مواد موجود آهي، اتي اسان وٽ ڪي چوڻيون بہ مشھور آهن. ايئن کڻي چئجي تہ هن وقت بہ اسان جي نيورو جينسز ۾ بہ ڏور اوڀر جي ڇڪ موجود آهي، جيڪا نسل در نسل هلي ٿي اچي. ٻيو تہ خود هن وقت بہ اسان وٽ ايشيا ۾ چين، ملائيشيا، ڪوريا، سنگاپور ۽ جپان اهڙا ملڪ آهن، جيڪي مادي ترقي جي حساب سان مغرب سان برميچجي سگهن ٿا. انھيءَ صورتحال ۾ اهو ضروري هو تہ انھن ملڪن جي لوڪ ڏاهپ کان بہ اسان کي واقف رهڻ گهرجي.
۽ اسان جي اها ضرورت الطاف شيخ پنھنجي هن ڪتاب ”ڳالھيون تنھن جپان جون“ ۾ پوري ڪئي آهي. ايڏي وڏي ڪم کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.
_ عبدالقادرجوڻيجو
2002-07-24
ڄامشورو