مھاڳ: ڊاڪٽر غلام علي الانا
الطاف لڳ ڀڳ سڄي دنيا جو سير ڪيو آهي، هن نوجوان جيترو سڄيءَ دنيا ۾ سفر شايد ئي ڪنھن ٻئي سنڌي جوان ڪيو آهي. قدرت وٽان مليل انھي موقعي کي سعادت سمجهي الطاف ان کي سجايو آهي. ان مان فائدو ورتو آهي ۽ دنيا جي باري ۾ جيترو هن لکيو آهي، اوتر شايد ئي ڪنھن لکيو هجي.
الطاف هونئن تہ افسانہ نگار جي حيثيت سان اسريو ۽ اڀريو، پر نيٺ اڳتي هلي هن سفرنامي واري صنف کي پنھنجي خاص صنف بنايو ۽ ان ۾ ايترو تہ لکيو اٿس جو الطاف شيخ ۽ سفرنامو هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم ٿي ويا آهن ۽ سنڌي ادب ۾ سفرنامي واري صنف سندس نالي سان منسوب ٿي ويئي آهي.
مون کي اها خبر ڪانھي تہ هن نوجوان هن صنف جي فن جي باري ۾ ڪجهہ پڙهيو بہ آهي يا نہ، يا ڪيترو پڙهيو اٿس. پر سندس سفرنامن مان ظاهر آهي تہ الطاف هن وقت هن صنف جو هڪ ماهر، مڃيل ۽ مھان ليکڪ آهي. هڪ سڄاڻ واپاريءَ وانگي هن کي اها ڄاڻ آهي تہ بازار ۾ ڪھڙي شيءِ جي کپت وڌيڪ آهي، هن کي خبر آهي تہ سندس پڙهندڙ ڇا ٿو چاهي. هن پنھنجي پڙهندڙن جي نفسيات کي سمجهي، انھن کي اهو ڪجهہ ڏنو آهي، جنھن جي هنن کي تانگهہ هئي.الطاف هر ملڪ جو سفر ڪندي، اتي جي تھذيب ۽ تمدن، اتي جي وڻج واپار، اتي جي روز مرھ جي اٿڻي ويھڻي، اتي جي ماڳن ۽ مڪانن، اتي جي باغن ۽ باغيچن جي باري ۾ لکيو آهي. الطاف جي سفرنامن جو سڀ کان اهم نقطو هي آهي، جو هي جتي بہ ويو آهي، اتي پنھنجن جا پار پتا پڇيا اٿس _ يعني هو جتي بہ ويو آهي، اتي سنڌين جي ڳولا خاص طرح ڪئي اٿس. آفريڪا هجي يا انڊونيشيا، سلون هجي يا سنگاپور، ملائيشيا هجي يا مئڊاگاسڪر، هانگ ڪانگ هجي يا هونو لولو، هن هر هنڌ سنڌي دوڪاندارن، سنڌي واپارين ۽ سنڌي ماڻھن جي ڳولا ڪئي آهي ۽ انھن جي ثقافتي زندگيءَ جو نقشو چٽيو آهي. سنگاپور واري سفرنامي ۾ هن سنڌين جي سڀيتا جو چِٽُ دل کي وڻندڙ لفظن ۾ چٽيو آهي.
الطاف جو هڪ ڪتاب ”جپان جن جي جيءَ سان“ منھنجي سامھون آهي. ورهين کان منھنجي دل ۾ جپان جي زمين ۽ جپانين جي تھذيب ۽ گهرو زندگي ڏسڻ جي تمنا هئي. ڌڻي تعاليٰ منھنجي اها آس اپريل ۽ مئي 1978ع ۾ پوري ڪئي ۽ هوائي ٻيٽن جي زيارت تان موٽندي مون کي ٽوڪيو ۾ رهڻ جي دعوت ملي. اها دعوت هڪ جپاني ڪٽنب ڏني هئي، جنھن سان منھنجي هڪ نيپالي دوست جي معرفت ڏيٺ ويٺ هئي. آئون موقعو غنيمت سمجهي پنج ڏينھن ٽوڪيو ۾ رهيس ۽ پوءِ اوساڪا ويس، جتي مون کي جپان جي جڳ مشھور ”ائنٿراپالاجيڪل ميوزيم“ ڏسڻ جو شوق هو. ٽوڪيو ۾ جپان فائونڊيشن ۽ يونيسڪو جي اييشن برانچ ۾ مون کي ايشيائي ملڪن جي لوڪ ادب، لوڪ موسيقي ۽ ديومالائي آکاڻين بابت ڪافي معلومات ملي ۽ ائين محسوس ٿيو تہ جپاني، ٽيڪنالاجي سان گڏ لوڪ ورثي جي اڀياس سان بہ دلچسپي رکن ٿا.
جپان هن وقت لوڪ ادب، لوڪ موسيقي ۽ ائنٿراپالاجي مطالعي ۾ ڪافي اڳتي آهي. جپان جي انفرميشن جي بليٽن جي اردو سيڪشن ۾، هر دفعي ٻہ يا وڌيڪ لوڪ ڪھاڻيون يا ديو مالائي آکاڻين مان ڪي نہ ڪي ضرور ڏنيون وينديون آهن، جيڪي نہ فقط ڏاڍيون مزيدار هونديون آهن، پر انھن مان اڪثر جو پس منظر سنڌ جي لوڪ ڪھاڻين يا ديومالائي آکاڻين جھڙو هوندو آهي.
الطاف هن ڪتاب جي مھاڳ لاءِ مون کي شايد انھيءَ لاءِ بہ ڦاسايو هجي جو کيس منھنجي عزيز دوست ظفر شيخ جيڪو منھنجي سفر وقت جپان ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ سيڪنڊ سيڪريٽري هو، کان خبر پيئي هئي تہ مون جپان ۾ ڇا ڇا پئي ڪيو ۽ ڇاڇا پئي ڏٺو.
الطاف پنھنجي هن ڪتاب ۾ پنھنجي پسنديدہ صنف سفرنامي کان هٽي جپاني لوڪ ادب ۽ ڪجهہ قدر معياري ادب تي تبصرو ڪيو آهي. هن جھڙي طرح تنقيدي طرز سان جپاني معياري ادب ۽ جپاني لوڪ ادب جو تعارف ڪرايو آهي، اهو سنڌي ادب ۾ هڪ نئون اضافو آهي. سنڌي ادب ۾ الطاف جو هي ڪتاب هڪ نئين شيءِ آهي. هن پنھنجي وسري ويل واٽ وري ورتي آهي ۽ کيس جس هجي، جو هڪ نقاد واري نظر سان ٻوليءَ ۾ جپاني ادب جو پھريون دفعو تعارف ڪرايو اٿس.
الطاف گذريل ڏهن_ٻارهن سالن کان جپاني لوڪ ادب،معياري ۽ ديومالائي ادب متعلق جيڪي ڪجهہ پڙهيو آهي يا جيڪي ڪجهہ پنھنجن دوستن کان ٻڌو آهي، تنھنجو وستار ۽ نچوڙ هن ڪتاب ۾ ڏنو اٿس.
جپان جو اڀياس ڏاڍو دلچسپ اڀياس آهي. هن ملڪ ۾ جديد ۽ قديم ڪلچر جو سنگم آهي. ٽوڪيو ۾، يا ٽوڪيو کان ٻاهر، هڪ طرف جديد تعمير واريون فلڪ بوس عمارتون نظر اينديون تہ ٻئي پاسي پراڻي طرز وارا گهر! جديد طرز واري رهڻي ڪھڻي کي اختيار ڪرڻ جي باوجود جپانين پنھنجي پراڻي ثقافت کي بہ نہ ڇڏيو آهي. سندن رهڻي ڪھڻي جي خبر ساڻن گڏ رهڻ سان پوي ٿي. جپاني ڪٽنب سان گڏ رهڻ سان محسوس ڪيو تہ سنڌ ۽ جپان جي وچ ۾ هزارها ميلن جو مفاصلو هوندي بہ جپاني ثقافت جا ڪي عنصر ۽ جزا سنڌي ثقافت سان ملن جلن ٿا. ان جو خاص سبب ٻڌ ڌرم جو اثر ٿو ڀانئجي. اسلام کان اڳ ٻڌ ڌرم سوين سال سنڌ ۾ سرڪاري مذهب رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي، جو اسان جي رهڻي ڪھڻي، ريت ۽ نيت تي ٻڌ ڌرم جا اڪيچار اچار حاوي پئجي ويا. انھن جو پتو چٽي طرح تڏهن پئجي سگهي ٿو، جڏهن اسان مان ڪو جپان، چين، هانگ ڪانگ ۽ ٿائلنڊ جو سفر ڪندو ۽ انھن ملڪن جي عام ماڻھن سان گڏ ڪي ڏينھن گذاريندو.
هن ڪتاب ”ڳالھيون تنھن جپان جون“ ۾ الطاف جپان جي همعصر مزاحيه ادب، لوڪ ادب، لوڪ ڪھاڻين ۽ ديومالائي آکاڻين ۾ مزاحيه پھلو، جپاني ادب جو دور ۽ جپاني ادب جون صنفون بيان ڪيون آهن. هن نہ فقط جپاني ادب جي صنفن جا نالا ڳڻايا آهن، پر انھن جو تقابلي مطالعو پڻ ڏنو اٿس. هو لکي ٿو تہ ”وڪا“ ۽ ”ڪيوڪا“ جپاني شاعريءَ جا اهي قسم آهن، جيڪي اسان جي پئروڊي قسم جي شاعري سان ملن ٿا.الطاف کي جس هجي، جو هن سنڌي ادب ۾ پھريون دفعو جپاني معياري ادب، لوڪ ادب ۽ ديومالائي ادب جو نہ فقط تعارف ڪرايو آهي، پر ان ادب جون آکاڻيون ترجمو پڻ ڪري ڏنيون اٿس. منھنجي نظر ۾ سنڌي ادب ۾ هي ڪتاب هڪ املھہ اضافو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترجمي واري حصي ۾ هي ڪتاب هڪ قيمتي واڌارو آهي.
هن ڪتاب ۾ الطاف جپاني ٻوليءَ جا پھاڪا پڻ ڏنا آهن ۽ انھن جي سنڌي ٻوليءَ جي پھاڪن سان ڀيٽ پڻ ڪئي اٿس. منھنجي ناقص راءِ موجب هن باب جي اڀياس سان جپاني تھذيب ۽ تمدن ۽ سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن جي ڀيٽ لاءِ دلچسپي رکندڙن دوستن کي گهڻو مواد ملي ٿو سگهي.
الطاف انھن سنڌي آکاڻين مان هڪ آکاڻيءَ طرف نشاندهي پڻ ڪئي آهي، جنھن جون پاڙون جپاني ادب ۾ کتل آهن ۽ جيڪا پنڊت بنسي ڌر هنديءَ ۾ آندي، جتان ”ڀنڀي زميندار جي ڳالھه“ جي نالي سان اسان جي ديس ۾ آئي. هن ڪتاب ۾ الطاف ڪيتريون ئي جپاني چونڊ ڪھاڻيون ۽ ديومالائي آکاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري جپانين جي عقيدت، اعتقادن، سندن ڀرمن جو چٽ پڻ چٽيو آهي.
الطاف شيخ جو هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ عموماً ۽ ائنٿراپالوجيءَ جي علم جي شاگردن لاءِ خصوصاً هڪ تحفو آهي.
الطاف هي ڪتاب لکي سنڌي ادب تي وڏو وڙ ڪيو آهي. منھنجي دعا آهي تہ اللھ تعاليٰ هن نوجوان کي پنھنجي ادب ۽ ثقافت جي خذمت ڪرڻ لاءِ توفيق ڏئي ۽ کيس وڌيڪ موقعا عطا فرمائي.
سنڌي زبان جو فدائي
ڊاڪٽر غلام علي الانا
1982-5-31
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي