جادوءَ جو ٽوال
هڪ دفعي وڏيري جي زال کي ڀر واري ڳوٺ ۾ پنھنجي ماءُ سان ملڻ لاءِ وڃڻو پيو. ڪميڪو کي ان ڳالھہ جي خبر پيئي تہ هوءَ بيحد خوش ٿي _ ڇو تہ ڪيترن ڏينھن کان هن جي دل ۾ اها خواهش هئي تہ ڪنھن طرح مالڪياڻي گهر ۾ نہ هجي تہ هوءَ موڪل ڪري ڳوٺ جي ٻائي سان مندر ۾ ملي اچي ۽ هاڻ سندس اها خواهش پوري ٿي رهي هئي.
جيئن ئي وڏيري جي زال ماءُ سان ملڻ لاءِ گهران نڪتي تہ ڪميڪو جلدي جلدي گهر جو ڪم ڪار لاهي مندر جي ٻائي سان ملڻ لاءِ رواني ٿي. ٻائو ڪميڪو جي غمگين، گهٽ کاڌي خوراڪ ڪري هيڊي پر خوبصورت چهري کي ڏسي سمجهي ويوتہ هيءَ غريب ڇوڪري بيحد ڏکويل آهي. هن ڪميڪو جي دلجوئي ڪئي ۽ همٿ ڏيڻ سان گڏ دعائون بہ ڪيون ۽ وڃڻ وقت ڪجهہ چانورن جا مٺا ڪيڪ بہ ڏنا. ڪميڪو ڏاڍو خوش ٿي ۽ خوشيءَ مان سندس چھرو ٻھڪڻ لڳو ۽ في الحال هن پنھنجا سڀ ڏک سور وساري ڇڏيا. ان بعد هوءَ تحفي طور مليل سڀ ڪيڪ کڻي گهر ڏي موٽي. رستي تي هن هڪ اڌ ڪيڪ کاڌو باقي ڪيڪ پنھنجي کٽ جي وهاڻي هيٺان رکي ڇڏيا. ان بعد هوءَ وري پنھنجي روز مره جي ڇنڊ ڦوڪ، صفائي، رڌ پچاءُ ۽ ٻين ڪمن ۾ لڳي وئي. شام جو جڏهن وڏيري جي زال گهر پھتي تہ هن کي هر شيءِ صحيح ۽ نارمل حالت ۾ لڳي ۽ هن کي ذرو بہ محسوس نہ ٿيو تہ ڪو ڪم رهيل آهي ۽ نوڪرياڻي گهر ڇڏي وئي هئي. بھرحال هن جي اچڻ بعد غريب ڪميڪو لاءِ وري اهي ئي ڇڙٻون ۽ دڙڪا ۽ پورهيو شروع ٿي ويو.
ٻئي يا ٽئي ڏينھن وڏيري جي زال جھڙو ڪميڪو جو وهاڻو کنيو تہ ان هيٺان رکيل ڪيڪ کيس نظر آيا. ڏسندي ئي هوءَ ڪميڪو تي باھہ ٿي وئي. ”هي ڪيڪ تو ڪٿان آندا آهن؟“ هن ڪميڪو کان پڇيو. پنھنجي مالڪڻ کي هيڏي چڙ ۾ ڏٺو تہ هن جو ڊپ کان ساھہ ئي سڪي ويو. ڏڪندي ڏڪندي وراڻيائين:
”سانئڻ ڳوٺ جي ٻائي مون کي اهي ڪيڪ ڏنا هئا.“
” چڱو هاڻ ڪيڪ کڻ ۽ هينئر جو هينئر ان ٻائي کي واپس ڪري اچ.“ وڏيري جي زال حڪم ڪيس.
ڪميڪو ڏکويل دل سان ڪيڪ کڻي ٻائي وٽ پھتي ۽ کيس ڪيڪ موٽائي ڏنا. ٻائو سمجهي ويو تہ ڳالھہ ڇا ٿي آهي ۽ بنا ڪنھن سوال پڇڻ جي چيائين:
”جيڪڏهن وڏيري جي زال توکي کائڻ جون شيون وٺڻ جي اجازت نٿي ڏئي تہ هي ٽوال وٺ. ٿي سگهي ٿو هي تنھنجي ڪم اچي سگهي.“ ٽوال حاصل ڪري ڪميڪو کي بيحد گهڻي خوش ٿي ۽ يڪدم گهر ڏي موٽي. هن ٽوال کي وڏي خيال سان پنھنجي وهاڻي هيٺان رکيو ۽ پوءِ گهر جي ڪم ڪار ۾ جنبي وئي.
ٻئي ڏينھن روز مره وانگر ڪميڪو صبح جو سوير ننڊ مان اٿي. اوندھہ پھر ۾ ئي اٿڻ ڪري هن جي ننڊ پوري نٿي ٿي ۽ اٿڻ ۾ هن کي روز ڏکيائي ٿي ٿي. دل چوندي هيس تہ ستي پئي هجان،پر مالڪياڻيءَ جي ڊپ کان سوير ئي اٿي کڙي ٿيندي هئي ۽ ڪم ۾ لڳي ويندي هئي. اڄ بہ هوءَ ٿڪل حالت ۾ اٿي. ٻاهر اڃا اوندھہ هئي. هن هٿ منھن ڌوتو ۽ پنھنجي ڪموني (جپاني وڳي) جي ڪنڊ سان پنھنجو منھن اگهڻ بدران ٻائي کان مليل ٽوال سان اگهيو. هن کي تعجب لڳو تہ ان ٽوال سان منھن اگهڻ سان هن کي تازگي محسوس ٿي ۽ هونءَ گهٽ ننڊ ڪري جيڪا هن کي ٿڪاوٽ ٿيندي هئي سا هڪدم غائب ٿي وئي. هاڻ هن کي روز صبح جو اٿي ان ٽوال سان منھن اگهڻ جو انتظار رهيو ٿي، جو ان جي استعمال بعد هن کي تازگي ۽ فرحت محسوس ٿي ٿي. هر روز ٽوال سان منھن اگهڻ ڪري هاڻ هوءَ وڌيڪ سھڻي بہ ٿي پئي هئي ۽ سندس منھن سڄو ڏينھن ٻهڪندو رهيو ٿي. جيتوڻيڪ هن کي کائڻ لاءِ بہ اهو ئي گهٽ مليو ٿي ۽ ننڊ بہ اڻپوري رهيس ٿي. اهو سڄو ڪمال ان ٽوال جو هو جنھن ڪري ڪميڪو سھڻي ٿي پئي هئي ۽ سندس سونھن هر هڪ جو ڌيان ڇڪائڻ لڳي.
هن جي خوبصورتي ڏسي گهر ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ٻي نوڪرياڻي کان رهيو نہ ٿيو ۽ ڪميڪو کان پڇيو: ”ڪميڪو! اهو تہ ٻڌاءِ تہ تون ڇا ٿي ڪرين جو تنھنجي چھري جو رنگ نکري پيو آهي ۽ بيحد ڪشش واري ٿي پئي آهين؟“
”سچ پڇين تہ ڪجهہ بہ نھ.“ ڪميڪو تڪڙو تڪڙو جواب ڏنو جو هن کي گهر جي ڪم کان ڪا واندڪائي نہ هئي جو ويھي ٻين جا چرچا ٻڌي.
”ائين نہ سمجهجانءِ تہ ڪو آئون چرچو ڀوڳ پئي ڪريان. تون آرسيءَ ۾ پنھنجو پاڻ کي هڪ دفعو ڏس تہ سھي.“ اهو چئي ان نوڪرياڻيءَ ڪميڪو کي آرسيءَ ڏي ڌڪو ڏنو. ۽ مار! ڪميڪو آرسيءَ ۾ کڻي ڏسي تہ هوءَ واقعي نوڪرياڻي نہ پر راڻي لڳي رهي هئي. سوچڻ لڳي تہ آخر اها ڪھڙي ڳالھہ آهي جنھن هن ۾ اها تبديلي آندي آهي. ۽ پوءِ هن کي يڪدم ڌيان ۾ اچي ويو تہ روز مره جي زندگيءَ ۾ فقط ٽوال سان منھن اگهڻ ئي هڪ نئين ڳالھہ ٿي آهي جنھن هن جي شڪل و صورت ۾ تبديلي آندي آهي. پڪ اها ڪرامت ٻائي کان مليل ٽوال جي آهي، جنھن جي استعمال سان هوءَ تازگي محسوس ڪري ٿي ۽ ڏينھون ڏينھن سھڻي ٿيندي وڃي.
هن وهاڻي هيٺان ٽوال ڪڍي پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ نوڪرياڻيءَ کي ڏيکاريو ۽ چيو : ”اهو جادو پڪ هن ٽوال جو ئي هوندو جيڪو مون کي ڳوٺ جي ٻائي ڏنو آهي.“
”اوهه! هي تہ واھہ جو آهي.“ نوڪرياڻيءَ ٽوال جي ساراھہ جا ڍڪ ڀريندي چيو.
وڏيري جي زال هنن کي ڳالھائيندي ٻڌي ورتو ۽ ڪميڪو کي دڙڪا ڏيندي چيو: ”ڇا مون توکي منع نہ ڪئي هئي تہ ان ٻائي کان ڪا بہ شيءِ نہ وٺجانءِ. ؟ ايڏو بي چيو ٿيڻ جي توکي همت ڪئين ٿي؟ سڄو ڏينھن توهان رڳو بڪ بڪ پيون ڪريو ۽ ڪم ڪار جو ڪو فڪر نہ اٿانوَ. توهان جي ڪچھري ڪنديون رهنديون تہ توهان جي پاران گهر جي هاج ڪير ڪندو؟“
”سانئڻ، هيءَ مون کي فقط هي ٽوال ڏيکاري رهي هئي، جيڪو هن کي ڳوٺ جي ٻائي تحفي طور ڏنو آهي.“ ٻي نوڪرياڻي وڏيري جي زال کي ٻڌايو.
”چڪر ڇا آهي جو اهو نڀاڳو ٻائو هر ٻئي ڏينھن ڪميڪو کي سوکڙيون ٿو ڏئي؟“ وڏيري جي زال شڪي نموني سان چيو.
نوڪرياڻيءَ جواب ۾ چيو: ”سانئڻ، هي ڪو عام رواجي ٽوال ناهي. هن ٽوال جو جادو تہ ڪميڪو جي چھري تي ڏسي سگهين ٿي.“
ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ ڪميڪو جي چھري تي آيل سونھن سوڀيا کي وڏيري جي زال ڪيترن ڏينھن کان نہ فقط محسوس ڪيو هو پر دل ئي دل ۾ هن کان سڙي پچي بہ رهي هئي پر کيس ان جي راز جي اڄ خبر پيئي تہ ان حسن جو راز اهو ٽوال آهي ۽ هاڻ ان راز جي خبر پوڻ سان هن ڪميڪو جي هٿن مان اهو ٽوال کسي ورتو.
وڏيري جي زال جيتوڻيڪ اڌڙوٽ عمر جي ٿي چڪي هئي پر ان هوندي بہ هن چاهيو ٿي تہ جيڪر هوءَ دنيا جي حسين ترين عورت بڻجي وڃي. ٽوال ملڻ بعد هن شام جو وهنجي سھنجي هڪ سھڻو ڪمونو پھريو ۽ پوءِ منھن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي ڪميڪو واري ٽوال سان پنھنجي منھن کي اگهي پنھنجي مڙس اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. هن اها ئي اميد رکي ٿيتہ سندس مڙس هن کي اوچتو سھڻو ڏسي وائڙو ٿي ويندو. هن جو مڙس جڏهن ڪم تان موٽيو تہ پنھنجي زال جي سونھن جي تعريف ڪرڻ بدران کِل ۾ کيرو ٿي ويو ۽ گهر جي ٻين ڀاتين کي بہ سڏڻ لڳو تہ اچي هي لڪاءُ ڏسو. پوءِ جيڪو ٿي ڪمري ۾ آيو ان ٽھڪ ٿي ڏنا.
وڏيري جي زال وائڙي ٿي وئي تہ ڳالھہ ڇا آهي، جنھن کان کڻي پڇي تہ اهو جواب ڏيڻ بدران ٽھڪ پيو ڏئي. آخر پاڻ معلوم ڪرڻ لاءِ هوءَ پنھنجي ڊريسنگ روم ڏي ڊوڙي ۽ اچي آرسيءَ اڳيان بيٺي. آرسيءَ ۾ ڏسڻ سان هوءَ مايوس ٿي وئي تہ هن جو منھن وڌيڪ سھڻو ٿيڻ بدران گڏھہ جھڙو ٿي پيو هو.
۽ هاڻ هوءَ ڪجهہ بہ نٿي ڪري سگهي.
(هن اهو ٽوال ڪڍي پاڻ سان ڪم ڪندڙ نوڪرياڻيءَ کي ڏيکاريو ۽ چيو؛ ”اهو جادو پڪ هن ٽوال جوئي هوندو ....“)