مھاڻو ۽ ڪڇون
هڪ ڏينھن جي ڳالھہ آهي تہ هو ڄاري ڪلھي تي رکي سمنڊ ڏي وڃي رهيو هو تہ رستي تي ٻارن جو هل هنگامو ٻڌائين، جيڪي هڪ ڪڇونءَ کي رسي ٻڌي ڇڪي رهيا هئا. ڪي ٻار تہ ان کي وڏا وڏا پٿر پڻ هڻي رهيا هئا. ڪڇون ويچارو ڦٿڪي رهيو هو ۽ پنھنجو پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين، پر ٻار کيس ان حال ۾ ڏسي رحم کائڻ بدران ٽھڪن مٿان ٽھڪ ڏئي رهيا هئا.
هن غريب مھاڻي ٻارن کي گهڻو ئي سمجهايو، پر ٻارن ماڳھين کيس چيو: ”تنھنجو ڇا وڃي. اسان جي مرضي.“ مھاڻي هنن کي نصيحت ڪئي تہ جانورن کي ائين تنگ نہ ڪرڻ کپي، پر ٻارن هن جي ڳالھہ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. پوءِ مھاڻي کي جڏهن لڳو تہ هي هن جي ڳالھہ هرگز نہ مڃيندا تہ پنھنجي کيسي ۾ پيل جيڪي ڪجهہ پئسا هئا، سي ڪڍي ٻارن کي ڏيندي چيائين: ”ڀلا هي پئسا کڻو پر هن غريب ڪڇونءَ کي کڻي ڇڏيوس.“
ٻارن پئسن جي لالچ ۾ اچي مس مس ڪڇون کي ڇڏيو. يوراشيما اڳتي وڌي، ڪڇونءَ جي پھرين رسي کولي، جنھن سان ٻارن هن جا پير ٻڌا هئا. پوءِ هن مان وهندڙ رت پنھنجي ڪپڙن سان اگهي صاف ڪيو: ”منھنجا پيارا ڪڇون! هاڻ تون هنن ڏنگن ٻارن جي ور هرگز نہ چڙهجانءِ ۽ سڌو پنھنجي گهر هليو وڃجانءِ.“
جواب ۾ ڪڇونءَ پنھنجيون ننڍڙيون ننڍڙيون اکيون ٻہ چار دفعا پوريون پٽيون ۽ پوءِ سمنڊ جي ڪناري طرف پٿرن ۾ لڪي ويو.
ان ڳالھہ کي گذري ڪئين ڏينھن ٿي ويا. هڪ ڏينھن هي مھاڻو پنھنجي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سمنڊ مان مڇيوڻ ڦاسائي رهيو هو تہ اوچتو کيس محسوس ٿيو تہ ڪا شيءِ آهي جا ٻيڙيءَ سان ٽڪرائي رهي آهي. ليئو پائي کڻي ڏسي تہ ساڳيو ڪڇون ٻيڙي ڀرسان تري رهيو آهي ۽ پنھنجي پٿرائين پٺي ٻيڙي جي ڪاٺ کي هڻي رهيو آهي.
مھاڻي چيس:
”ننڍڙا دوست ڪھڙو حال اٿئي؟“
ڪڇون وراڻيو: ”مھربان مھاڻا! تو مون کي ان ڏينھن ٻارن کان بچايو، ان لاءِ مان تنھنجو شڪر گذار آهيان.“
اهو چئي ڪڇون اڃا بہ ٻيڙيءَ جي ويجهو ٿيو ۽ چيو: ”در اصل اڄ مان توکي پاڻ سان رويوگو وٺي هلڻ لاءِ آيو آهيان.“
”ريوگو_ ؟! “ مھاڻي تعجب مان چيو.
”ها ريوگو، هيءَ سمنڊ جي تھہ ۾ هڪ تمام سھڻي جاءِ آهي. تو اڄ ڏينھن تائين اهڙي جاءِ نہ ڏٺي هوندي. ڏسي تون ضرور خوش ٿيندين.“
۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ڪڇون قد بت ۾ ايڏو وڏو ٿي ويو، جيڏي ٻيڙي ۽ يوراشيما کي چيو: ”اچ. تون منھني پٺيءَ تي ويھہ تہ توکي هڪدم ريوگو وٺي هلان.“
هن جلدي جلديپنھنجا چَپون ٻيڙيءَ ۾ رکيا ۽ ڪڇون جي مٿان چڙهي ويٺو. يوراشيما کي ريوگو بابت ڪجهہ خبر نہ هئي. هن رڳو قصن ڪھاڻين ۾ ٻڌو ۽ پڙهيو هو تہ سمنڊ جي تري ۾ اها هڪ تمام سھڻي جاءِ آهي. جتي هڪ خوبصورت شھزادي رهي ٿي، جنھن جي حسن جو ڪو بہ جواب ناهي ۽ هميشہ جوان ۽ سھڻي رهي ٿي. وقت جا نشان بہ ان تي اثرانداز نٿا ٿين.
اهو سوچي يوراشيما خوش ٿي رهيو هو. ڪڇون ڪجهہ وقت ترڻ بعد هڪ هنڌ سمنڊ ۾ کڻي ٽٻي هنئي ۽ سمنڊ جي تري ڏي وڌندو ويو، رستي تي ڪئين قسمن جا جانور، مڇيون، گاھہ ٻوٽا، پٿر، سپيون مليا. پوءِ آخر هڪ محل وٽ ڪڇون اچي پھتو، جتي يوراشيما جي آڌرڀاءُ لاءِ ڪيترن ئي قسمن جون مڇيون قطار ٺاهي بيٺيون هيون. يوراشيما هھڙيون خوبصورت مڇيون ۽ ٻي رونق اکين سان ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو_ جنھن لاءِ هن اڄ تائين فقط ٻڌو هو. کيس پوءِ محل اندر وٺي هليا، جتي هڪ حسين شھزاديءَ کيس کيڪاريو ۽ پاڻ سان اندر وٺي هلي. سندس نازڪپڻي، سونھن، وارن جي نموني ۽ ڪپڙن جي ڇا ڳالھہ ڪجي! هن پنھنجي سريلي آواز ۾ يوراشيما کي چيو:
”پيارا يوراشيما! تو منھنجي ڪڇونءَ تي مھرباني ڪئي آهي. ان لاءِ آءٌ تنھنجي ٿورائتي آهيان. ڇا تون ڪجهہ ڏينھن هن محل ۾ مونسان گڏ رهندين؟“
يوراشيما ”مھرباني“ چئي جھڙو هيٺ لٿو تہ هو پوڙهي مھاڻي مان هڪ خوبصورت جوان مرد ٿي پيو. سامھون لڳل آرسيءَ ۾ پنھنجو پاڻ کي ان روپ ۾ ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ خوش پڻ. هن جا تہ وارا نيارا ٿي ويا. شھزاديءَ هن کي پاڻ سان وٺي محل جو سير ڪرايو. قسمن قسمن جي کاڌن سان سجايل ٽيبل تي وهاري ماني کارائي.
”هتي توکي ڪنھن قسم جي تڪليف نہ ٿيندي. تنھنجي سھولت لاءِ هر شيءِ موجود آهي ۽ هي مڇين جي شڪل ۾ ڪم ڪار واريون ٻانھيون تنھنجو هر وقت خيال رکنديون.“
ريوگو جي دنيا ۾ اچي يوراشيما خوشي ۽ آرام جي زندگي گذارڻ لڳو. هن کي هتي هر شيءِ ملي ٿي ان کان علاوه شھزادي بہ هر وقت هن سان گڏ هوندي هئي. اهڙين خوشين ۾ هن کي وقت جو تہ احساس ئي نہ رهيو ۽ ڏينھن پٺيان ڏينھن گذرندا ويا. پوءِ مھنا ۽ پوءِ ڪيترائي سال لنگهي ويا، پر ايترو سو هو تہ يوراشيما ڪڏهن بہ پنھنجن دوستن کي وساريو ڪونھ. هو هر وقت هنن کي ياد ڪندو رهيو. آخر هن کي ايڏي سڪ لڳي، جو هو هاڻ ان سڪ ۾ غمگين گهارڻ لڳو. آخر هڪ ڏينھن پنھنجي دل جي ڳالھہ شھزاديءَ سان ڪئي، جا پڻ اڳھين سمجهي وئي هئي ۽ هن جي خوشيءَ لاءِ کيس واپس موڪلڻ جو بندوبست ڪيو.
وڃڻ وقت شھزاديءَ کيس جپاني نموني جي ڪاري رنگ جي ننڍڙي دٻي ڏيندي چيو: ”يوراشيما! تون جيڏانھن بہ وڃين تہ هيءَ دٻي پاڻ سان رکجانءِ. هيءُ تولاءِ تمام قيمتي ثابت ٿيندي.“
ان بعد ڪڇونءَ کي گهرايو ويو، جيڪو يوراشيما کي وري ساڳين رستن تان ڦيرائيندي اچي سمنڊ جي ڪناري تي ڪڍيو.
”مھرباني منھنجا ڪڇون دوست.“
”سايونارا، يوراشيما.“
ان بعد ڪڇون سمنڊ ۾ غائب ٿي ويو. يوراشيما شھزاديءَ کان مليل دٻلي سوگهي جهلي گهر ڏي روانو ٿيو. گهر پھچي هو وائڙو ٿي ويو تہ ايترن سالن گذرڻ ڪري سندس گهر صفا ڊهي ويو هو. چوڌاري گاھہ ۽ ڪنڊا اُڀري آيا هئا. هر شيءِ مٽي سان ڀرجي وئي هئي ۽ جيڪي ماڻھو اتان لنگهي رهيا هئا، سڀ ڌاريان ٿي لڳا. ڪو بہ ڄاڻ سڃاڻ وارو نہ هو. هن کي ائين لڳو ڄڻ پاڻ پراڻي زماني جو ماڻھو هن نئين دؤر ۾ اچي ويو هجي.
يوراشيما کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ ڇا ڪجي. هو هڪ هڪ کي جهلي پڇڻ لڳو تہ يوراشيما جيڪو مھاڻو هو ان کي توهان مان ڪو سڃاڻي؟ سڀني انڪار ڪيو، پر هڪ پوڙهي ماڻھوءَ ٻڌايو تہ ان نالي وارو هڪ مھاڻو ڪنھن زماني ۾ رهندو هو، جيڪو هڪ دفعي سمنڊ تي مڇيون ماريندي غائب ٿي ويو هو.
اها ڳالھہ ٻڌي يوراشيما سمنڊ ڏي واپس موٽڻ لڳو. هاڻ تہ هن جو نہ ڪو دوست نہ سڃاڻو رهيو هو. ڪناري تي پھچي هو هيڏانھن هوڏانھن چڪر هڻڻ لڳو. اوچتو کيس اها دٻي ياد آئي، جيڪا هن کي شھزاديءَ ڏني هئي، پر ان کي کولڻ لاءِ شھزاديءِ کيس جهيلو هو. هن ڪجهہ دير سوچي دٻي کي کوليو تہ ان مان ڪونج پکيءَ جو کنڀ نڪري آيو. ان کانپوءِ اڇي رنگ جو دونھون نڪتو، جيڪو هن کي سڄو وڪوڙي ويو ۽ پاڻ اڳ جھڙو پوڙهو ٿي ويو. ان بعد اهو ڪونج جو کنڀ اڏامي اچي سندس پٺي تي لڳو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هو ماڻھوءَ مان ڪونج ٿي پيو ۽ آسمان ڏي اڏامڻ لڳو. ان ئي وقت اهو ڪڇون بہ پاڻي مان ٻاهر نڪري اچي ان ڪونج کي ڏسڻ لڳو.
چيو وڃي ٿو تہ اهو ڪڇون، جنھن جي هن پوڙهي مھاڻي ٻارن کان جان بچائي هئي، سو ساڳي شھزادي هئي، جيڪا سمنڊ جي تري ۾ هن کي ملي.