علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
علي حسن سرڪي خيرپور سان تعلق رکندڙ باشعور شاعِرُ آهي. سندس شاعريءَ ۾ فني پُختگي ملي ٿي، جڏهن ته هُو پنهنجي شعرن ۾ فڪري رنگ ڀرڻ جا به ڀَرپور جَتن ڪندو رهي ٿو. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو اوهان تائين پهچائيندي، اسان ان حوالي سان به خوشي محسوس ڪريون ٿا ته، پنهنجي شهر جي شاعرن جي همت افزائي ڪرڻ به اسان جي اداري جي سهڻي روايت رهي آهي. اسان کي اميد آهي ته اوهان پڙهندڙ سندس پهرين وِکَ جي ڀرپور آجيان ڪَندا ته جيئن هُو ايندڙ مستقبل ۾ پنهنجي فني سفرَ کي جاري رکندي، بهتر کان بهتر شاعري تخليق ڪري سگهي.