شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

قبر تي ڏيئُو ٻارڻ، ويندو آ

قبر تي ڏيئُو ٻارڻ، ويندو آ
باهه اندر جي ٺارڻ، ويندو آ

ياد جا ديپ جلائي هو اڪثر
آب اکين مَئُون هارڻ، ويندو آ

زندگيءَ جا حال ڪري سائينءَ سان
آس جي ٻيڙي تارڻ، ويندو آ

ڪير ٿو ڪنهن کان ڪوئي حَالُ پُڇي
ميڪدي ۾ وقت گذارڻ، ويندو آ

شهر کان پري هڪڙي ماڻهو خاطر
ڳوٺ جون مينهون چارڻ، ويندو آ

حسرتون گڏ جيئڻ جون رهجي ويون
وقت اُوکي کي ٽارڻ، ويندو آ

واندڪائيءَ جي موسم ۾ ”سَرڪي“
مُنهن ڪري جهنگ ڏي گھارڻ، ويندو آ