شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

دل، لڳائڻ جو پَتُو، پئجي ويو

دل، لڳائڻ جو پَتُو، پئجي ويو
اَکِ، اڙائڻ جو پَتُو، پئجي ويو

زندگي هر حال ۾ گُذري ويندي
بس، نڀائڻ جو پتو، پئجي ويو

دل هجر جي رُوگ کان واقف ڪيم
روگ، لائڻ جو پتو، پئجي ويو

تهمتون ۽ رنجشون دنيا ڏنيون
جَڳُ، کلائڻ جو پتو، پئجي ويو

يَارَ جي ڇا پَارَ کان آيم مُوٽي
پيارُ، پائڻ جو پتو، پئجي ويو

حُسنَ جي سرڪار تان صدقي وَڃان
هَٿُ، ملائڻ جو پتو، پئجي ويو

دل چيو اڄ ميڪدي ڏي هَلُ ”حَسنَ“
جي، جلائڻ جو پتو، پئجي ويو