شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

پَراون کان پيارا، وفا ڪا نه ٿيندي

پَراون کان پيارا، وفا ڪا نه ٿيندي
خوشين جي ڪڏهن ڀي، عطا ڪا نه ٿيندي

پِٽيندا رهيا جي اسان کي زمانا!
پَڪَ آ، تنين کان، دعا ڪا نه ٿيندي آ

وڇوڙي جون راتيون کُٽڻ جون ڪٿي هن
هجر جي صُبح ۾، صبا ڪا نه ٿيندي

ڀلي ڪر دغا تون، دغا ڪم، آ تنهنجو
اسان کان ڪڏهن ڀي، دغا ڪا نه ٿيندي

ڏئي دل ويٺا سين جو پهرين نظر ۾
وري يار اهڙي، خطا ڪا نه ٿيندي

اها ياد دل جي وندر جو سبب آ
ڪڏهن ياد مون کان، جدا ڪا نه ٿيندي

”حَسنَ“ دل پنهنجيءَ کي جَهلي ڇڏ تون هاڻي
غمن جي اُنهن کان، دوا ڪا نه ٿيندي