بي وفا سان وفا، ڪهڙي ڪجي؟
جَانِ پنهنجي فدا، ڪهڙي ڪجي؟
زندگيءَ کان جيڪو پيارو هُجي
اُنَ پرينءَ سان دغا، ڪهڙي ڪجي؟
عيبَ تو ۾ گھڻا آهن مگر
چنڊ! تنهنجي گلا، ڪهڙي ڪجي؟
جُستجو، آرزو، ڪيڏي هئي
آرزو توسوا، ڪهڙي ڪجي؟
ويس پائي پيو هر ڪو نَوان
عيد تُوبنِ ڀلا، ڪهڙي ڪجي؟
مَسَ اها سُوچَ آئي آهي يَـرَ
هر عبادت قضا، ڪهڙي ڪجي؟
هُو سلامت هُجي، شل هر گهڙي
حُسنَ کي بد دعا، ڪهڙي ڪجي؟