شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

بَمَ ۽ گوليون آهن

بَمَ ۽ گوليون آهن
رَتُ جون هوليون آهن

ڪنهن معصوم کي خوف مان
ماءُ جون لوليون آهن

ڏينهن ڏٺي جو چُـؤنڪ تي
ڦاٽيون چوليون آهن

دهشت گردن جون رڳو
وطن ۾ ٽوليون آهن

بُک ۽ مهنگائيءَ جون
وڌندڙ ڇوليون آهن

تو وٽ نفرت واريون
پيارا ڳالهيون آهن

سمجهه وارن لئه، سِڪَ جون
واٽون سوليون آهن

”حَسنَ“ اسان وٽ ڇڙيون
پيار جون ٻوليون آهن