شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

قرآن سڄُو، صفت، خدا جي.

قرآن سڄُو، صفت، خدا جي.
انسانُ سَڄُو، صفت، خدا جي

وَڻَ، ٽِڻَ، ٻُوٽا، آڪاشُ، جَبلَ
هي جهان سڄو، صفت، خدا جي

هر ڪنهن گُلَ جي، پنهنجي خوشبو.
گلدانُ سڄو، صفت، خدا جي

هاٿي، ڀُولو، اُٺُ ۽ گُھوڙو
حيوانُ سڄو، صفت، خدا جي

چون ٿا عاشق، صادق هيو ڪو
شيطانُ سڄو، صفت، خدا جي

رحمت سمجهيو، ويندو آهي
مهمانُ سڄو، صفت، خدا جي

رنگ رنگيلا، نُور، نظارا
ميدانُ سڄو، صفت، خدا جي

تو ۾، مون ۾، هُنَ ۾ ”سرڪي“
ايمان سڄو، صفت، خدا جي