شاعري

اَڃان سوچَ ۾ آهيان

علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
Title Cover of book اَڃان سوچَ ۾ آهيان

مُهاڳ

[b] هڪ سٺو سرجڻهار ــ علي حسن سرڪي [/b]
جهڙيءَ ريت گلستان ۾ هر گل جي پنهنجي خوشبوءِ پنهنجو رنگ. پنهنجي سونهن ۽ خوبصورتي هوندي آهي. ائين شاعريءَ جي گلشن ۾ به هر شاعر جو پنهنجو پنهنجو مقام، حيثيت، ادبي قد بت ۽ پنهنجي شعري خوشبوءِ آهي.
خيرپور ضلعو به سنڌ جي ٻين خطن وانگر ادبي لحاظ کان نهايت زرخيز خطو آهي، جيڪو اديبن شاعرن ۽ سُگھڙن جي تخليقي صلاحيتن سان واسيل ۽ ڀرپور رهيو آهي. خيرپور ضلعي جي ادبي کيتر ۾ ڪڏهن به ”جنريشن گيپ“ يا عمر وڇوٽي ناهي رهي. سينيئر شاعرن سان گڏ نوجوان شاعر به پنهنجي ڏانوَ ۽ ڏات جو ڀرپور مظاهرو ڪري رهيا آهن جن ۾ اسان جو سٻاجهڙو ۽ خاموش طبع شاعر علي حسن سرڪي به شامل آهي، جنهن جي ذهني ۽ تخليقي پورهئي تي ٻڌل هي پهريون ڪتاب اسان ۽ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هونئن علي حسن سرڪي وٽ ڪيترن ئي ڪتابن جيترو مواد موجود آهي، ڇاڪاڻ ته سندس قلم سان ساٿ کي تقريبن ويهارو سال ٿي چڪا آهن ۽ حَسن خاموشيءَ سان لکندو رهيو آهي.
حَسن سرڪي ۽ مان بلاشڪ هڪ ضلعي سان واسطو ٿا رکون، عمر ۾ مان کانئس گهڻو وڏو آهيان پر شاعر جي حيثيت ۾ هُو مون کان تمام گهڻو مٿانهون رهيو آهي هن جي شاعري سندس عمر کان به گهڻي پختي ۽ پاورفل آهي. ساڻس منهنجي واقفيت خيرپور ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ ئي ٿي ۽ ٿيندي رهندي آهي.
سندس شاعريءَ ۾ جيڪا فڪري گهرائي ۽ فني پختگي آهي، اها مونکي بيحد متاثر ڪندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو جنهن مشاعري ۾ مان موجود هوندو آهيان ته حَسنَ کي ٻيهر ٽيهر شعرُ پڙهڻ جي فرمائش ضرور ڪندو آهيان.
حَسنَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
حَسن جي هن شعري مجموعي جي آغاز ۾ سندس لکيل حمديه ۽ نعتيه ڪلام ۽ منقبتون پڙهڻ سان سندس عقيدت جي اظهار جو رنگ ئي نرالو نظر اچي ٿو. اسان مان هر شاعر لطيف جي فڪر جو تسلسل آهي. اسان سڀ شاه، سچل، سامي ۽ پنهنجي ٻين مشاهيرن جي سخن جا پؤلڳ آهيون: لطيف سرڪار چيو:

”عدلين ڇٽان نه آءُ ڪرڪو ڦيرو فضل جو“

اسان جي پياري ۽ نهايت سٻاجهي شاعر علي حسن سرڪيءَ چيو ته :

ڪجان ڪوئي ڦيرو – فضل جو تون مالڪ
گناهن جي دلدل ۾ ڦاٿل رهان ٿو.

بنا مطلب، معنيٰ، مفهوم ۽ مقصد جي شاعري بلڪل بي معنيٰ ۽ فضول هوندي آهي. خالي تڪبنديءَ کي شاعري ناهي چئبو. شاعري آهي ئي اها جيڪا پيغام ڏئي ۽ ان کي پڙهڻ سان پڙهندڙن کي ڪجھه حاصل ٿئي، ڪجھه پلئِه پوي- حَسن سرڪيءَ جا هن مجموعي ۾ ڪيترائي اهڙا غزل ۽ وايون موجود آهن جن جي پڙهڻ سان خالي ذهن سرشار ۽ ڀرپور ٿي وڃي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ حوصلي ۽ همت ۽ اڳتي وڌڻ جو درس سمايل آهي. شاعر آهي به اهو جيڪو دڳ ٻڌائي واٽ جي نشاندهي ڪري حَسن جي هڪ غزل جا ڪجھه بند.
دل شڪتو ٿي نه تون ڪنهن موڙ تي
زندگيءَ جو قافلو اڳتي وڌاءِ.

جستجو ۽ آرزو، جاري رکي
شاعريءَ جو قافلو اڳتي وڌاءِ.


ڪنهن ڪهاڻيءَ ۾ مون پڙهيو هو ته ڪانوَ کان ڪنهن پڇيو هو ته دنيا ۾ تو ڪٿي خوبصورتي ڏٺي آهي. ته ڪانوَ چيس هَل ته هلي مان تو کي حُسن ۽ خوبصورتي ڏيکاريان. ڪانءُ کيس پنهنجي آکيري تي وٺي آيو جتي سندس ٻه ٻچا ويٺا هئا. ڪانوَ پڇڻ واري کي چيو ته دنيا جي سڀ کان وڌيڪ خوبصورتي ۽ حُسن منهنجي هنن ٻن ٻچڙن ۾ نظر ايندو آهي. مقصد جي ڳالهه ته انسان جنهن سان پيار ڪري ٿو، کيس اهو ئي سڄيءَ دنيا ۾ سڀ کان سهڻو ۽ حَسين - بلند و برتر محسوس ٿيندو آهي. حَسن به پنهنجي هڪ غزل ۾ پنهنجي پريتم کي دنيا جي سڀ کان سهڻي، حَسين ۽ خوبصورت وجود سمجهي اُن جو اظهار هن طرح ڪري ٿو ته:
سهڻي سڀ کان منهنجي سجني
اهڙي آهي تنهنجي سجني؟
سمجهان ٿو مان جڳ ۾ اهڙي
ڪونهي ڪائي ڪنهن جي سجني

اڄ ڪلهه سنڌ ۾ تمام جَجھي مقدار ۽ تعداد ۾ شاعري سَرجي رهي آهي ۽ ڳڻڻ کان گهڻا شاعر ۽ شاعرائون طبع آزمائي ڪري رهيا آهن/ڪري رهيون آهن. ڪي سٺو ٿا لکن، ڪي بَس لکن ٿا ۽ ڪي تمام سٺو ٿا لکن جن ۾ تعداد به آهي ته معيار به. مان حَسن سرڪيءَ جي شاعريءَ کي ٻڌو به آهي ۽ پڙهيو به آهي ته هو انهن شاعرن ۾ شامل آهي جيڪي تمام سٺو ٿا لکن ۽ تمام معياري ٿا لکن. حَسن جي جيتري طبيعت سادي آهي اوتري ان جي شاعري بلند ۽ اعليٰ آهي. هو جيترو غريب آهي اوتري ئي شاعري امير ۽ شاهوڪار اٿس. حَسن جيترو گھٽ ڳالهائو ۽ خاموش طبع آهي اوتري ئي سندس شاعري ڳالهائيندڙ ۽ متحرڪ نظر اچي ٿي. سندس تخليق نهايت جاندار آهي.
تشبيهون ۽ استعارا. شاعريءَ جو حُسن هوندا آهن. حَسن جي شاعريءَ ۾ به تشبيهون، ڀيٽون ۽ استعارا ڏاڍا بر مهل ۽ اثرائتا ڪتب آندل آهن. مثلن ڪجھه غزلن جون سٽون.

گرم هوائون، من جي آويءَ مان
ٻرندڙ جبل جيان ڪي ڀڙڪا ها

يا
لال لبڙن ۾ رَئي جي ڪنڊ ڏئي
سامهون مهنجي ٿي کلي هڪ ڇوڪري

يا
سونهن سندي سرهاڻ اکين ۾
خوابن جي آ، کاڻ اکين ۾.

حَسن سرڪيءَ جي شاعري فني ۽ فڪري اعتبار کان ته شاهوڪار آهي ئي سهي پر موضوعن جي لحاظ کان به سندس شاعري گهڻ موضوعاتي آهي. سندس شاعريءَ ۾ پنهنجي وطن ۽ ڌرتيءَ ۽ قوم سان محبت جو سبق سمايل آهي ته عشق جي اپٽار به آهي پيار جي پرچار به آهي ته محبت جو منشور به، بي وفائيءَ جو شڪوه شڪايت به آهي ته وفا جا ورلاپ به. انياءَ، ظلم ۽ ڏاڍ جي نندا به ڪيل آهي ته مظلوم سان محبت جو اظهار به. هونئن به شاعر محبت سان محبت ۽ نفرت کان نفرت ڪندڙ هوندا آهن. هو امن پسند ۽ پيار جا پرچارڪ هوندا آهن. ڪيني ڪدورت ۽ نفرت کي ختم ڪري پيار، پنهنجائپ، ميٺ، محبت جا نقيب ۽ امينَ هوندا آهن. حَسن سرڪي به پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي ئي ڳالهه ڪئي آهي. سندس هڪ شاهڪار غزل جا ڪجھه بند.

ڪدورت ڪرڻ جي نه عادت رهي آ
اسان جي ته ٻولي محبت رهي آ
محبت سوا ٻيو رکيو ڇاهي جڳ ۾؟
محبت سڀن جي ضرورت رهي آ
محبت کي گهٽ وڌ نه ڳالهاءِ سهڻا
محبت اسان جي عبادت رهي آ.

علي حسن سرڪي به هن سنڌ ڌرتيءَ جو ڄائو آهي. ۽ جنهن جو کائجي تنهن جو ڳائجي. وطن سان محبت ايمان جو حصو هوندو آهي. مان ته چوندو آهيان جنهن شاعر جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو هڳاءُ ۽ مٽيءَ جي خوشبوءِ ڪونهي. سنڌ جي سرهاڻ ڪونهي. ساڻيهه جي سڪ ڪونهي. وطن ۽ ديس سان محبت جو اظهار ڪونهي، ته اهو شاعر ڌرتيءَ جو تخم ئي ناهي. حَسن سرڪيءَ جو پنهنجي ديس سان پيار ۽ اُنسيت جي اظهار جو نمونو ئي نرالو ۽ انداز ئي پنهنجو آهي. پنهنجي انداز سان تمام وڏي ڳالهه چَئي وڃڻ حَسن سرڪيءَ جي شاعريءَ جي هڪ انفراديت آهي. مثلن؛

سنڌ جو هر منظر تو وانگي پيارو
هن ٿر، بر ۾ منهنجي جان رهي ٿي.

ٻئي هنڌ چيائين:

هي مستي رواني ۽ مهراڻ موجون
سنڌوءَ جا ڪنارا سلامت هجن شل.


اڃان ان کان به وڌيڪ ۽ گهڻو اڳتي. حسن سنڌ پرست شاعر آهي. سنڌ کي هو پنهنجي ماءُ ٿو سمجهي. ٻين شاعرن وانگر هن جي اکين ۾ به سنڌ جي آزاديءَ جا خواب سجايل آهن. شاعر هئڻ جي ناتي هُن جا پنهنجا آدرش آهن.
سنڌ خاطر جي هلي هيءَ جان وڃي
اشڪ اکڙين مان نه هرگز هارجان.

سنڌ جي آزاد نغمي لاءِ هتي
لوهه کان مضبوط سينو ڌارجان.

هي دعائون ٿو ”حَسنُ“ رَبَ کان گهري
سنڌ لاءِ جيئارجان بس مارجان.

ڪيترو نه حوصلو، همت ۽ سنڌ لاءِ سچائي سمايل آهي حَسنَ جي ان غزل ۾.
غيرن سان گڏجي ڪري پنهنجن جيڪا سنڌ واسين جي حق تلفي پئي ڪئي آهي. اها اسان کان ڳجهي ڪونهي. اهو سلسلو صدين سالن کان جاري آهي. تاريخ ۽ وقت شاهد آهي ته سدائين سنڌ سونهاريءَ تڏهن ڀوڳيو آهي ۽ رت جا ڳوڙها ڳاڙيا آهن جڏهن مفاد پرستن ڌارين غيرن سان گڏجي ڪري امڙ سنڌ کي گهاوَ ۽ زخم ڏنا آهن، جيڪي سالن تائين ناهن ڀرجي سگهندا. حَسنُ شاعر آهي ۽ شاعر ڪي ڊگها مضمون ۽ مقالا ناهي لکندو، هو ڊگهيون تقريرون ناهي ڪندو. هو ته وڏي ڳالهه ٻن سٽن ۾ ڪري، پنهنجو پيغام پهچائيندو آهي. حَسن هڪ غزل ۾ چوي ٿو.
پنهنجا غيرن سان گڏجي ويا
سڀ خواب اڌورا رهجي ويا.

ٻئي غزل ۾ چيائين
ٻئي کي نه ميار ڏي تون سنڌڙي
پنهنجو دشمن ٿيندو پيو وڃي.

شاعر جي نظر ڏاڍ ي تيز هوندي آهي هُن جو ذهن زرخيز هوندو آهي سندس معاشري جي هر چڱائي ۽ برائيءَ تي نظر هوندي آهي. اڄ ڪلهه مسجدن ۾ خود ڪش ڌماڪا، مسلمانُ، مسلمانَ کي ٿو پيو ماري. ڀاءُ، ڀاءُ جو دشمن آهي حَسن جي نظرَ ان المياتي حالت ۽ ڪيفيت مٿان به آهي ۽ چوي ٿو.

نالي ۾ بچيا مسلم آهيون
خطري ۾ ايمان لڳي ٿو.

شاعر سچ جا پوڄاري ۽ پرچارڪ هوندا آهن ۽ ڪوڙ، دغا، دولاب، ٺڳيءَ کان سخت نفرت ڪندا آهن. هو سچ جا ساکي ۽ ساٿي هوندا آهن. حَسن سرڪيءَ ڪهڙي نه سهڻي ڳالهه سهڻن لفظن ۾ ڪئي آهي.

سچ تان جان به قربان آهي
ڪوڙ کان انڪار ڪندو رهندس.

حَسنُ سنڌ ڌرتيءَ کي ته پنهنجي شاعريءَ ۾ ناهي وساريو پر انهن ڪردارن کي به نظر انداز نه ڪيو اٿائين جن سنڌ ڌرتيءَ کي ڳايو آهي ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي. جيئن سرمد سنڌي.

سنڌ جي هُو چاهه ۾ گم ٿي ويو
نانوَ جو رحمان هو، سرمد سنڌي
مان شيدائي بڻيم هُن جو ”حَسن“
سنڌ جي پهچان هو، سرمد سنڌي.

چوندا آهن ته شاعري تلوار جي ڌار به آهي ته خنجر جو وار به آهي. شاعري سُونهن جو لباس آهي شاعري وشال آسمان وانگر آهي ۽ پياري علي حسن سرڪي ان ڏانهن پهرين اڏام ڪري هنن پنن تي جيڪا پالوٽ ڪئي آهي. اميد ته پڙهندڙن وٽان ان کي مانائتي موٽ ملندي. بنيادي طور شاعر سماج جا ترجمان هوندا آهن، لفظن سان تصويرون جوڙي سماجي حالتن جي ترجماني ڪندا آهن. پيارو حَسنُ به پنهنجي ان فرض ادائگيءَ ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهي. ان جو فيصلو به پڙهندڙ ڪندا. مان فقط اهو اعتراف ڪندس ته حَسن ۾ هڪ بهترين ۽ قابل شاعر واريون سڀ خوبيون موجود آهن. هن وٽ فن به آهي ته فڪر به، هُن وٽ خيال به آهي ته لفظ به، هُن وٽ ڏات به آهي ته ڏانءُ به، هُن وٽ محبت به آهي ته محنت به، مان دعاگو آهيان مونکان عمر ۾ ننڍي پر شاعريءَ ۾ وڏي دوست حَسن سرڪيءَ لاءَ ته الله کيس وڏي ڄمار ڏئي جيئن هو سنڌ ۽ ادب جي خدمت ڪندو رهي. مان هنن ڪچين ڦڪين سٽن جي پڄاڻي حَسن جي ئي پيغام ڀرين سٽن سان ڪندس جيڪي سندس لکيل هڪ وائيءَ مان کنيون اٿم.

هر جا، هر هنڌ
پڙهو ۽ لکو

سنڌي ٻولي


 پهرين جون 2015ع ڪوثر ٻرڙو
اسٽيشن ڊائريڪٽر
ريڊيو پاڪستان ڪراچي